حيدرآباد (بيورو رپورٽ) جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سنڌ ۾ افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين جي نيڪالي  لاءِ اڄ سکر جي لب مهراڻ کان گهنٽا گهر چوڪ تائين پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو. ان سلسلي ۾ جسقم ميڊيا سيل پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مارچ جي اڳواڻي جسقم چيئرمين صنعان قريشي ڪندو جڏهن ته ڌرڻي ۾ امجد خان مهيسر، ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ، مومن سمون، ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو، اشرف ڪلھوڙو سميت ٻيا اڳواڻ به شرڪت ڪندا. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪافي عرصي کان رهائش پذير افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ڇاڪاڻ ته ڌاري آبادي سنڌ تي معاشي بار آهي ۽ ڄاڻايل ماڻهن جي رهڻ سبب سنڌ ۾ بدامني، دهشتگردي، مذهبي انتهاپسندي وڌي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ موجود ٻين صوبن جي ماڻهن کي رڳو سنڌ ۾ روزگار جو حق هئڻ گهرجي ها جڏهن ته کين ووٽ ڏيڻ، ملڪيت خريد ڪرڻ ۽ ڊوميسائيل توڙي پي آر سي جون ڏنل سهولتون نه ملڻ گهرجن ها. جسقم سربراهه چيو ته سنڌ عالمي يتم خانو ناهي تنهن ڪري سنڌ ۾ موجود ڌارين کي فوري طور نيڪالي ڏني وڃي.