لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار  احمد کهڙو ۽ سٽي لاڙڪاڻي جي صدر خير محمد شيخ طرفان ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڌاڌر نياز جو اهتمام ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان 9 محرم الحرام جي ڏهاڙي تي ڪربلا جي ميدان ۾ دين اسلام جي سربلندي جي لاءِ عظيم قرباني ڏيندڙ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ان جي باوفا ساٿين جي ياد ۾ سندس پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو جي نور ڪالوني واري رهائشگاهه تي، پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو طرفان پنهنجي اباڻي ڳوٺ عاقل ۾ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي سٽي لاڙڪاڻو جي صدر خير محمد شيخ طرفان شهر جي مقامي هال ۾ نياز جو اهتمام ڪيو ويو.ان موقعي تي جميل احمد سومرو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجي باوفا ساٿين سان ڪربلا جي ميدان ۾ عظيم قرباني ڏئي پنهنجي ناني جي دين کي هميشه لاءِ زندهه رکيو ۽ پوري انسانيت کي درس ڏنو ته حق ۽ سچ جي واٽ تي هلندي وقت جي هر يزيد جو ڄمي مقابلو ڪيو، ڪربلا جي شهيدن جي ڏنل درس تي عمل ڪري اسين پنهنجي قوم ۽ ملڪ کي ترقيءَ وٺرائي سگھون ٿا. ٻئي طرف هر سال جيان هن سال به اڄ ڏهين محرم جي ڏهاڙي تي شهر جي رائل روڊ تي پي پي پي اڳواڻ سليم احمد سومرو طرفان ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ ڪئمپ لڳائي سبيل حسين ۽ نياز ورهايو ويندو.