لاهور ۾ شادي تقريب ۾  فائرنگ، پوليس اھلڪار ۽ سندس ڀاءُ مارجي ويا

0
434
لاهور ۾ شادي تقريب ۾  فائرنگ

ڪراچي(ڊيسڪ رپورٽ) لاهور ۾ پوليس اهلڪار جي ڀائٽيي جي شادي جي تقريب دوران هوائي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار ۽ سندس ڀاءُ مارجي ويو آهي

پوليس موجب نصيرآباد ۾ ماجد جي ڀائٽيي جي شادي جي تقريب هلي رهي هئي ته اوچتو ڄاڃي عاصم هوائي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار ماجد ۽ سندس ڀاءُ صفدر مارجي ويا

واقعي کانپوءِ جوابدار عاصم فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس ماجد ۽ صفدر جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا

پوليس موجب عاصم ايليٽ فورس جو اڳوڻو اهلڪار آهي جنهن شادي جي موقعي تي هوائي فائرنگ ڪئي

آءِ جي پنجاب رائو سردار واقعي جو نوٽيس وٺندي سي سي پي او کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ جوابدارن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي