لاهور(م ڊ) پنجاب جي راڄڌاني لاهور جي علائقي ڊفينس ۾ نجي اسڪول جي شاگردياڻي تي ٻين شاگردياڻين سخت تشدد ڪيو ۽ ان جي وڊيو به ڀري جيڪا وائرل ٿي وئي آهي، تشدد ڪندڙ شاگردياڻين تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڊفينس ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. فريادي عمران موقف اختيار ڪيو آهي ته منهنجي ڌيءُ کي ڪلاس فيلو جنت، سندس ڀيڻ ڪائنات، عمائمه ۽ نور رحمان تشدد ڪيو. عمائمه باڪسر آهي جنهن منهنجي ڌيءُ کي گهليو ۽ ڪينٽين ۾ وٺي وئي، سندس وار پٽيا، ڇرين سان وار ڪيا، زمين تي ڪيرائي ڇڏيو ۽ لتون ۽ ٿڏا هنيا. هن الزام هنيو ته جوابدار ڇوڪرين منهنجي ڌيءُ کان سون جي چين به کسي ورتي. جنت نشو ڪندي آهي ۽ منهنجي ڌيءُ کي به نشو ڪرائڻ پئي چاهيائين.