ڪراچي( رپورٽ: حبيب جمالي ) سنڌ پوليس جي 266 سينيئر سب انسپيڪٽرن ( ايس آئيز) کي انسپيڪٽر جي عهدي تي ترقي ڏني وئي، 212 سٽجي ويا،  ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪاميٽي جي منظوري بعد ترقين جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته 6 نومبر تي گهوٽڪي ۾ ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿيل سب انسپيڪٽر دين محمد لغاري کي به انسپيڪٽر جي عهدي تي ترقي ڏني وئي، کيس ترقي ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته سندس وارثن کي مالي توڙي پينشن جا فائدا ملي سگھن. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته ڊيپوٽيشن تي موٽروي پوليس ۾ ويل 11 سب انسپيڪٽرن کي به انسپيڪٽر جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اهي 90 ڏينهن ۾ سنڌ پوليس کي جوائن  ڪندا، جنهن بعد آءِ جي سنڌ جي منظوري سان سندن ترقين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته مختلف انڪوائرين ۽ مختلف سببن  ڪري  59 سب انسپيڪٽرن جون ترقيون روڪي سندن فيصلو نظرثاني لاءِ بورڊ ڏانهن موڪليو ويندو. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪاميٽي مختلف سببن  ڪري 68 سب انسپيڪٽرن جي ترقين جي منظوري نه ڏني. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته انڪوائرين ۽ ٻين مختلف سببن  ڪري 85 سب انسپيڪٽرن کي ترقي ڏيڻ بابت ڪو به غور ويچار نه ڪيو ويو