اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي 10 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور ٿي وئي، اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ عمران خان پيش ٿيو، عدالت طرفان عمران خان کي 5-5 هزار رُپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو، اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن تي عمران خان سوڌو پي ٽي آءِ جي اڳواڻن خلاف لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جا ڪيس داخل ٿيا هئا. ان کان اڳ عمران خان جي پنج ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪئي وئي هئي.