ڪراچي (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آرمي چيف به ملڪ جو حصو آهي، جيڪڏهن ڪنهن سان ڳالهائي ٿو ته ملڪ لاءِ ڳالهائي ٿو، نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته حڪومت مدو پورو ڪندي، حڪومت ۾ اچڻ جو فيصلو درست هو، حڪومت نه وٺون ها ته ڪجهه هفتن ۾ ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها. هن چيو ته پاڪستان آڪٽوبر ۾ اليڪشن جو متحمل ناهي، اسان کي آڪٽوبر ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو ناهي چيو ويو.