قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ وڏو آپريشن: بابر مستعفي: شان مسعود ٽيسٽ ۽ شاهين آفريدي ٽي ٽوئنٽي ڪپتان مقرر

0
175

لاهور(م ڊ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ۽ ٽيسٽ ٽيمن جي نئين ڪپتانن جو اعلان ڪري ڇڏيو.پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، شان مسعود کي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي، ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت شاهين شاهه آفريديءَ کي سونپي وئي آهي، جڏهن ته ون ڊي ٽيم جي ڪپتان جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو

پي سي بي جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي ناقص ڪارڪردگي بعد پي سي بي هيڊڪوارٽر لاهور ۾ وڏي بيٺڪ ٿي جنهن ۾ ڪپتان بابراعظم، ڊائريڪٽر مڪي آرٿر ۽ ٻيو اسٽاف به شريڪ ٿيو، بابراعظم ٽيم جي ڪارڪردگي بابت رپورٽ پيش ڪئي. پي سي بي چيئرمين ڪوچز جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو

ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر کان ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتاني واپس ورتي وئي جڏهن ته کيس رڳو ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان برقرار رکڻ جي آڇ ڪئي وئي  پر هن انڪار ڪري ڇڏيو، بابر اعظم ٽنهي فارميٽ جي ڪپتاني تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو، جنهن بعد ذڪا اشرف جي ٽيسٽ اوپنر شان مسعود سان ملاقات ٿي جنهن ۾ کيس ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني ڏني وئي شاهين شاهه آفريدي کي ٽي-20 جو ڪپتان بڻايو ويو جڏهن ته ون ڊي لاءِ ڪپتان جي مقرري جو فيصلو في الحال ملتوي ڪيو ويو آهي

آسٽريليا جي دوري ۾ شان مسعود ۽ شاهين آفريدي پنهنجون نيون ذميواريون سنڀاليندا. ٻئي طرف بابر اعظم سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي بيان جاري ڪندي ڪرڪيٽ جي ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني ڇڏڻ جو اعلان ڪيو . بابر اعظم چيو ته ٽنهي فارميٽ ۾ رانديگر طور کيڏڻ چاهيان ٿو، منهنجي قيادت ۾ پاڪستاني ٽيم نمبر ون بڻي جنهن ۾ سمورن رانديگرن جي محنت پڻ شامل هئي، ڪپتاني ڇڏڻ ڏکيو فيصلو هيو پر ڪپتاني ڇڏڻ جو هي صحيح وقت آهي