لاهور: پي سي بي مينيجمينٽ ڪميٽي محمد حفيظ کي مڪي آرٿر جي جاءِ تي قومي ٽيم جو ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف کي عهدن تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته ڪنهن ڪوچ فارغ ناهي ڪيو رڳو سندن پوزيشن ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي آهي. محمد حفيظ کي قومي ٽيم جي ڊائريڪٽر جي ذميواري ڏني وئي آهي. ياد رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق ورلڊ ڪپ دوران ئي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي جڏهن ته ڪوچ مورني مورڪل به ڪجهه ڏينهن اڳ عهدي تان اسعيفيٰ ڏئي چڪو آهي