قمبر ( رپورٽر) قمبر ۾ ڪتن وڌيڪ 11 ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو، جن ۾ 42 سال جي ارشاد خاتون، 10 سال جو رحمان. 20 سال جو دلي جان، 25 سال جي فرزانا، 13 سال جو بلاول، 15 سال جو محمد، 17 سال جو عبدالنبي، 10 سال جي نادره، 16 سال جو احمد، 27 سال جي سپنا ۽ 12 سال جو نادر علي شامل آھن، جن کي قمبر جي ڊي ايچ ڪيو اسپتال آندو ويو، کين فرسٽ ايڊ ڏئي ويڪسين ڪئي وئي.