ٻٻرلوءِ (ن پ ا) ٻٻرلوءِ ويجهو ابل واھ مان نامعلوم شخص جو لاش هٿ آيو، اطلاع بعد پوليس لاش کي ڪڍرائي ضروري ڪارروائي لاءِ آر ايچ سي ڳاڙهي موري اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش خيرپور جي سرد خاني ۾ منتقل ڪيو ويندو، ان حوالي سان  پوليس ٻڌايو ته هن محل تائين لاش جي ڪا به سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب لاش خيرپور جي سرد خاني ۾  منتقل ڪيو آهي.