لاڙڪاڻو/ قمبر (نمائندن وٽان) تعلقي قمبر جي ڳوٺ وانر وڪو ۾ پاڻي جي کڏ ۾ وهنجڻ دوران 10 ورهين جو نينگر رحمٰن پٽ عبد علي وڪو ٻڏي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش کڏ ۾ ترندي ڏسي وارثن لاش ڪڍي فوري طور چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو جنهن دوران فوتي نينگر جا وارث لاش مٿان اوڇنگارون ڏئي روئيندا پڻ رهيا. ان موقعي تي ٻڏي فوت ٿي ويل نينگر جي سئوٽ نعمت الله وڪو صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو سئوٽ ڳوٺ جي ٻين ٻارن سان گڏجي ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي کڏ ۾ وهنجڻ لاءِ ويو جتي هو ٻڏي ويو اهڙو اطلاع ساڻس گڏ وهنجندڙ ڳوٺن جي ٻارن اسان کي ڏنو جنهن تي اسين پاڻي جي کڏ وٽ پهتاسين ته سئوٽ جو لاش ترندي ڏسي کڏ مان ڪڍي فوري طور اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن فوتي نينگر جو لاش وارث ايمبولينس جي ذريعي ڳوٺ کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.