قرضن جي وينٽيليٽر تي ساهه کڻندڙ ملڪ جي “بجيٽ”

0
92
قرضن جي وينٽيليٽر تي ساهه کڻندڙ ملڪ جي “بجيٽ”

 پاڪستان ۾ هيستائين جيتريون به بجيٽون پيش ٿي چڪيون آهن، هر حڪومت جي نظر ۾ اهي بجيٽون عوام دوست هيون ۽ آهن. تنهن ڪري اسان جي عوام ۽ ملڪ جي دشمنن کي ياد رکڻ گهرجي ته هيستائين پاڪستان ۾ ڪا به اهڙي بجيٽ پيش نه ڪئي وئي آهي، جيڪا عوام دشمن هجي. تنهن ڪري هاڻي اها پروپئگنڊا پڻ بند ٿيڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ جيڪي سويلين حڪمران آيا، اهي عوام جا وڏا خيرخواهه هئا ۽ جيڪي نان سويلين حڪمران مارشل لا جي صورت ۾ حڪومت ڪري ويا، اهي ڪي عوام دشمن هئا. يعني جنرل ايوب خان، جنرل يحييٰ خان، جنرل ضياءُ الحق، جنرل مشرف، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، نواز شريف، آصف زرداري، عمران خان ۽ هاڻي شهباز شريف جيڪي بجيٽون پيش ڪري چڪا آهن، اهي سڀ جون سڀ عوام دوست، عوام کي وڏو ۽ تاريخي رليف ڏيڻ واريون بجيٽون هيون ۽ آهن. باقي تنهن کانپوءِ پوءِ هتي اهو سوال ڪرڻ اجايو ۽ فضول ٿيندو ته ايتريون “عوام دوست” بجيٽون پيش ڪرڻ جي باوجود ملڪ ۾ 38 سيڪڙو مهانگائي ۽ 22 سيڪڙو بيروزگاري ڇو آهي؟ ڪرپشن ۾ 180 ملڪن مان پاڪستان 140هين نمبر تي ‘شاندار ڪارڪردگي’ سان ڇو موجود آهي؟ ملڪ 150 ارب ڊالرز جو ڇو قرضي ٿي چڪو آهي؟ 12 ڪروڙ يعني اڌ کان وڌيڪ آبادي/عوام غربت جي ليڪي کان به هيٺ واري زندگي ڇو گذاري رهيو آهي؟ ملڪ جا پڙهيل لکيل ماڻهو تيزي سان ملڪ ڇو ڇڏي رهيا آهن؟ ملڪ ۾ هڪ آمريڪي ڊالر 305 رپين جو ڇو ٿي ويو آهي؟ پوري دنيا ۽ خاص طور تي دوست ملڪن جي اها حالت آهي جو اهي پاڪستان کي وڌيڪ ٻه ارب ڊالرز ڏيڻ لاءِ ڇو تيار ناهن؟ تنهن ڪري عوام کي گهرجي ته هُو اهڙن فضول ۽ غير ضروري قسم جي سوالن تي ڌيان نه ڌرين ۽ ان سان گڏ اهي ڳالهيون پڻ وساري ڇڏين ته پاڪستان ۾ هڪ اهڙو وقت به هو، جڏهن مخالف ڌر اهو الزام هڻندي هئي ته حڪومت عوام آڏو بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ اها بجيٽ آءِ ايم ايف سان شيئر ڪئي آهي يا آءِ ايم ايف جي خواهش ۽ چوڻ مطابق بجيٽ ٺاهي وئي آهي، ته حڪومتي وزير يا خود وزير اعظم سخت ڪاوڙ ۽ چڙ ۾ چوندو هو ته اسان ڪنهن به طرح آءِ ايم ايف جي چوڻ مطابق بجيٽ ناهي ٺاهي يا ان کي انگ اکر ڏئي پنهنجي خودمختياري جو سودو نه ڪيو آهي، پر اڄ خيرن سان اسان جو وزير اعظم صاحب ۽ وزير صاحبان وڏي فخر سان ميڊيا آڏو اچي چون ٿا ته اسان ڪوشش ڪري آءِ ايم ايف جي مطالبي ۽ خواهش مطابق بجيٽ پيش ڪرڻ وڃي رهيا آهن ۽ هيڏانهن وري اسان جو ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار وڏي فخر ۽ پراعتماد انداز سان ڪروڙين عوام جي آڏو بجيٽ پيش ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا تي اچي چئي ٿو ته اسان جي حڪومت بجيٽ قومي اسيمبلي ۽ عوام آڏو پيش ڪرڻ کان پهرين آءِ ايم ايف سان شيئر ڪئي هئي ۽ ان جي منظوري ۽ قبوليت کانپوءِ اها بجيٽ پيش ڪئي آهي. تنهن ڪري اسان ان مان اندازو ڪري سگهون ٿا ته هاڻي اخلاقي طور تي اسان ڪٿي اچي بيٺا آهيون! ۽ وري ٻئي پاسي اهو ساڳيو ناڻي وارو وزير آءِ ايم ايف تي ائين اکيون ڳاڙهيون ڪري تنقيد ڪري ٿو، جيئن عمران خان نواز شريف ۽ آصف زرداري بابت اکيون ڳاڙهيون ڪري ڳالهائيندو آهي ۽ آءِ ايم ايف تي اهو الزام هڻڻ ۾ دير ئي نٿو ڪري ته آءِ ايم ايف پاڪستان سان ‘سياست’ ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان عالمي سطح تي ‘جيو پالٽيڪس’ جو شڪار آهي، جنهن مان آساني سان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته پاڪستان پنجهتر سالن ۾ سفارتي سطح تي جيڪا ‘تاريخي ڪاميابي’ ماڻي آهي، تنهن جو شاندار انعام ۽ ڦل هن وقت حاصل ڪري رهيو آهي!

هن سال هميشه وانگر حڪومت وڏي فخر سان چئي ٿي ته اسان جي کيسي ۾ هڪ رپيو به ناهي پر تنهن باوجود به اسان هڪ تاريخي ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا آهيون. حڪومت کي شابس آهي جو اها هن بجيٽ کي هڪ تاريخي ۽ عوام دوست بجيٽ چئي رهي آهي، نه ته اصل ۾ هي هڪ ‘معجزاڻي بجيٽ’ آهي، جيڪا حڪومت پيش ڪئي آهي. يعني پوري دنيا کان جتان قرض ملي سگهيو، اهو قرض وٺڻ ۽ ان کانپوءِ حڪومت جيترو ٽيڪس گڏ ڪري سگهي، ان جي گڏ ڪرڻ کانپوءِ به پاڪستان 416 ارب رپين جي خساري ۾ آهي. اچو ته ان ‘معجزاڻي’ عمل کي بجيٽ جي انگن اکرن مطابق سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. حڪومت هن بجيٽ ۾ 9 هزار، 200 ارب رپيا روينيو جي مد ۾ ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو ٽارگيٽ رکيو آهي، ۽ ان سان گڏ 2 هزار، 63 ارب رپيا نان روينيو ٽيڪس جي مد ۾ گڏ ڪرڻ جو ٽارگيٽ پڻ رکيو آهي (جيڪو پيٽرول ليوي، پاسپورٽ ٺهرائڻ جي في، اسٽيٽ بئنڪ جي ساليانو منافعي وغيره مان جمع ڪيا ويندا). يعني هن سال حڪومت مجموعي طور ٽيڪس جي آمدني 12 هزار، 163 ارب رپيا پيش ڪئي آهي. جنهن مان اين ايف سي جي مد ۾ 5 هزار 276 ارب رپيا صوبن کي هليا ويندا، 7 هزار 300 ارب قرض ۽ وياج ڏيڻ جي صورت ۾ هليا ويندا. اهو سڀ ڪجهه ڏيڻ کانپوءِ به 416 ارب رپين جي کوٽ ٿيندي. هڪڙي پاسي اها کوٽ آهي ته وري ٻئي پاسي پاڪستان وفاقي سطح تي ترقياتي بجيٽ ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 33 سيڪڙو واڌ ڪري 1150 ارب رپيا رکيا آهن. دفاعي بجيٽ ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 13 سيڪڙو واڌارو ڪري ان جي 1804 ارب رپيا بجيٽ رکي آهي. پينشن جي بجيٽ ۾ 26 سيڪڙو واڌ ڪري 761 ارب رپين جي بجيٽ رکي آهي (جنهن مان 563 ارب رپيا رٽائرڊ فوجين کي پينشن جي صورت ۾ ڏنا ويندا، باقي 198 ارب رپيا سڄي ملڪ جي رٽائرڊ ملازمن کي ڏنا ويندا) ان سان گڏ مختلف شين تي حڪومت پاران 1093 ارب رپين جي سبسڊي پڻ ڏني ويندي. اهي سڀ پيسا وري نوان قرض وٺي ڏنا ويندا. ٻئي پاسي پاڪستان کي هن سال دوستن ملڪن جو تقريبن 25 ارب ڊالرز قرض پڻ واپس ڪرڻو آهي، جيڪڏهن پاڪستان انهن کي ڪنهن به طرح هڪ رپيو به واپس نه ڪري ۽ انهن کي اهي سڀ پيسا هڪ سال کانپوءِ ادا ڪرڻ جو واعدو ڪري، تڏهن به پاڪستان کي هن سال جي ضرورتن مطابق 6 ارب ڊالرز وڌيڪ گهربل آهن، اهي ڪٿان ملندا؟ يا اهي ڪهڙي طرح حاصل ٿيندا؟ جڏهن ته هن وقت صرف 2 ارب ڊالرز جي کوٽ آهي، جنهن لاءِ آءِ ايم ايف چيو آهي ته اهي توهان ڪنهن دوست ملڪ کان وٺو، پر بدقسمتي سان اهي ٻه ارب ڊالرز ڪير به دوست ملڪ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ اها حالت آهي جو گذريل سال پاڪستان کي 7 هزار، 200 ارب رپيا ٽيڪس جي مد ۾ گڏ ڪرڻا هئا پر پاڪستان صرف 6 هزار، 800 ارب رپيا گڏ ڪري سگهيو ته هاڻي سوال آهي ته ڇا هن سال پاڪستان 2 هزار ارب رپيا وڌيڪ يعني 9 هزار 200 ارب رپيا گڏ ڪري سگهندو؟ ان کانسواءِ 1 کان 16 گريڊ تائين جي ملازمن جي پگهار ۾ جيڪا 35 سيڪڙو ۽ 17 کان 22 گريڊ جي ملازمن جي پگهار ۾ 30 سيڪڙو ۽ ساڍا سترنهن سيڪڙو پينشن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، اها ڪٿان پوري ڪئي ويندي؟

هڪڙي پاسي پاڪستان ڏينهون ڏينهن وڌيڪ قرضي ٿيندو پيو وڃي ته وري ٻئي پاسي پاڪستان جي معيشت پڻ سسندي پئي وڃي. اهي ٻئي عمل پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ هڪ وڏي خطري جي گهنٽي آهن. پر ٻئي پاسي آهي اسان جي حڪومت ۽ رياستي ادارا، جن کي پاڪستان ۽ ان جي عوام جو جيڪو فڪر آهي، تنهن جو اندازو اسان هن هڪ غير سنجيده ۽ عوام دشمن بجيٽ مان اندازو ڪري سگهون ٿا! هاڻي جڏهن عوام اهو ڀلي ڀت سمجهي چڪو آهي ته اسان کي ڪا به حڪومت حقيقي ۽ زميني حالتن مطابق ڪو رليف ڏيڻ جي لائق نه رهي آهي، تنهن باوجود به حڪمران طبقا ۽ رياست انهن سان “عوام دوست” بجيٽ چئي وڌيڪ ناٽڪ ڪرڻ کان نٿا مڙن. تنهن مان صاف ظاهر ٿي چڪو آهي ته مجموعي طور پاڪستان جو عوام رياستي ادارن ۽ حڪمران طبقي کان ذهني ۽ عملي طور چار قدم اڳتي بيٺو آهي، پر رياستي ادارا ۽ حڪمران طبقا اُٺ پکيءَ وانگر پنهنجو مُنهن پنهنجي طبقي جي مفادن وٽان واري ۾ وجهيو ويٺا آهن ۽ سمجهن ٿا ته عوام اهو سڀ ڪجهه نه پيو ڏسي!

[email protected]