قتل يا آپگھات: ميرپورخاص ويجھو جوڙي جا ڦاھو کاڌل لاش ھٿ

0
228

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ويجهو ڳوٺ حاجي الله بخش مري ۾ مبينا طور جوڙي جا ڦاھو کاڌل لاش ھٿ ڪيا ويا آھن، 19ورهين جي رميش ڀيل ۽ 16ورهين جي گيتو ڀيل جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، سومجي ڀيل جو چوڻ آهي ته رميش ۽ گيتو ڀيل رات جي پوئين پهر ۾ گهر ٻاهران ڦاهو کائي آپگهات ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، چئوٻول آھن تھ جوڙي پسند جي شادي نھ ٿيڻ تي آپگھات ڪيو آھي.