شڪارپور ۽ ڪرمپور ۾ بدامني جي باهه، 2 ڄڻا اغوا، ڌرڻو

0
191
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

شڪارپور/ڪرمپور (نمائندن وٽان) شڪارپور ۽ ڪرمپور ۾ بدامني جي باهه جاري آهي، هٿياربند گاڏين تي فائرنگ ڪري 2 ڄڻا اغوا ڪري ويا، انڊس هاءِ وي تان هٿياربند وزيرستان واسي عنايت الله ۽ نقيب الله پٺاڻ کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا، واقعي بعد ٽرالر ڊرائيورن روڊ بند ڪري احتجاج ڪيو، روڊ بند هجڻ سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جو قطارون لڳي ويون.