اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قانون جي وفاقي وزارت اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ قبلا اياز کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چئيرمين طور ٽن سالن لاء مقرر ڪيو ويو آھي انکانسواء اسلامي ڪائونسل جي 11 ميمبرن کي به ٽن سالن لاء مقرر ڪيو ويو آھي