ملير (رپورٽر) ملير ۾ پوليس جي ڪارروائي، تحريڪ طالبان باجوڙ گروپ جو دهشتگرد گرفتار، هٿيار هٿ ڪيا ويا. خبر موجب ملير جي علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪري هڪ دهشتگرد عثمان غني عرف عرفان کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار دهشتگرد جو تعلق تحريڪ طالبان باجوڙ گروپ سان آهي. پوليس جي دعويٰ مطابق گرفتار دهشتگرد افغانستان مان تربيت حاصل ڪئي، جيڪو 2019 ۾ طالبان ڪمانڊر قاري عبيد الله عرف قاري ثاقب وٽ افغانستان ويو، جتي هن جديد قسم جي هٿيارن هلائڻ جي تربيت حاصل ڪئي. گرفتار دهشتگرد بارڊر ويجهو چارمنگ باجوڙ جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورس تي حملو ڪري هڪ سپاهي کي شهيد ڪيو. 2020 ۾ گرفتار دهشتگرد هجرت الله عرف مجلس عرف جٽ کي ڪراچي ۾ وڏي رقم ڏيڻ جو پڻ انڪشاف ڪيو آهي. پوليس موجب عثمان غني پنهنجي ساٿين سان فيس بڪ ذريعي رابطي ۾ رهندو هو. سندس قبضي مان غيرقانوني هٿيار هٿ ڪري ڪيس داخل بعد جاچ شروع ڪئي وئي آهي.