نيويارڪ(دلچسپ نيوز) قبر مان انساني وار ٻاهر نڪرڻ لڳا، ماڻهن کي خوف ورائي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ سينيٽ جوزف ڪيٿولڪ قبرستان ۾ انوکو واقعو پيش آيو، قبرستان آيل ماڻهن هڪ قبر مان انساني وار ٻاهرنڪتل ڏسي خوف ۾ وٺجي ويا، جنهن بعد اطلاع تي رضاڪارن جون ٽيمون پهچي ويون، هڪ صدي پراڻي قبر مان نڪتل انساني وارن جون تصويرون پڻ ڪڍيون ويون جڏهن ته ماڻهو وڊيوز پڻ ٺاهيندا رهيا. ان حوالي سان شهرين جو چوڻ آهي ته قبرجي هڪ مضبوط سر ۾ ڏار پيل آهن جنهن مان انساني وار نڪرن پيا، لڳي ٿو ڀر۾ موجود وڻ جون پاڙون قبر تائين ڦهلجي مڙهه کي مٿي کڻي آيون آهن.