قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ۾ نجي ڪلينڪ جي عطائي ڊاڪٽر پاران نشي واري انجيڪشن لڳائي علاج لاءِ آيل نينگري سان  زيادتي ڪرڻ واري واقعي خلاف کوسا ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران شبير کوسو، الھه ڏتو کوسو، وزير کوسو ۽ ڊاڪٽر شبير جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مارچ ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آھي پر ان جي باوجود پوليس ڪيس ۾ دلچسپي نه پئي وٺي، هنن چيو ته پوليس پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ عورت ۽ سندس وارثن کي يرغمال ڪرڻ وارا قلم لاڳو ناهن ڪيا ويا، هنن مطالبو ڪيو ته عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون سيل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي، هوڏانهن قاضي احمد ۾ واقعي خلاف ايس ٽي پي جي ڪارڪنن قربان مهڙ، ڏاڏو مهر، نعيم لاکو، عمران ڀائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين چيو ته دوا لاءِ آيل ناري سان لڄالٽ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، هنن مطالبو ڪيو ته عطائي ڊاڪٽر خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.