قمبر ( رپورٽر)  قمبر ۾ پوليس اهلڪار نعيم عباس قريشي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.يونس چانڊيو، نثار انصاري، ثاقب چانڊيو، اياز ميرجت ۽ ٻين چيو ته نعيم قريشي کي بيدردي سان بيگناهه قتل ڪيو ويو، پوليس ڪيس ۾ نامزد جوابدار پنهل سومرو ۽ سندس ڀاءُ لياقت سومرو کي گرفتار نه ٿي ڪري، پوليس چونڊيل نمائندن جي چوڻ تي حڪمران جماعت سان لاڳاپيل جوابدارن کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آھي.هنن چيو ته جوابدار ڌر مقتولن جي وارثن ڏانهن ميڙمنٿ قافلا موڪلڻ سميت هيسائي ۽ ڌمڪائي رهي آھي، نوٽيس وٺي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪرائي مقتول جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.