قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد جي رھائشي علائقي خان صاحب ڪالوني واسي دڪاندارن ۽ لوئر اسٽاف ضلع بينظيرآباد جي سينيئر نائب صدرحاجي مختيار ملاح ۽ سندس پٽ رياض ملاح مٿان سڱاوتي معامري تان حملو ڪري کين زخمي ڪرڻ واري معامري جو ڌرين وچ ۾ ھلندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ ضلعي ڪائونسل نواب شاھ جي اڳوڻي ميمبر ڄام چنگيز خان انڙ جي سرپئنچي ھيٺ سندس رهائش گاهه تي جرڳو ٿيو جنهن ۾ اڳوڻو وائيس چيئرمين حاجي خان لاکو ,علي بخش ملاح ۽ صوفي امين اوٺو معاون طور شريڪ ٿيا ان دوران جهيڙيندڙ ڌر حاجي منظر ملاح کي ڏوهي قرار ڏنو ويو مٿس پنج لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، فيصلي جي فتوا ۾ چيو ويو ته جيڪڏھن ڪنهن ڌر اڳرائي ڪئي ته ان مٿان 15 لک رپيا ڏنڊ ڀريندو. جرڳي دوران سڱ واري معامري تي حاجي مختيار ملاح جي ڌر قرآن پاڪ تي ساک ڏيندي اهو چيو ته منهنجي نياڻي رشتو قبول نه ٿي ڪري جنهن بعد فيصلي جي سرپئنچ سندس کان ساک ڏيڻ جي پڻ فتوا ڏني ۽ ان کان قرآن پاڪ تي ساک پڻ ورتي وئي، فيصلي بعد جهيڙيندڙ ڌرين ۾ راضي نامون ڪيو ويو، داخل ٿيل ڪيس تان فريادي هٿ کڻندا، عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن جو خرچ جرڳي ۾ ڏوهي ٿيل ڌر ڀريندي ياد رهي ته ڪجهه ڏھاڙا اڳ ملاح برادري جي ٻن سڳن ڀائرن وچ ۾ سڱاوتي جي معامري تي تڪرار شروع ٿيو هو.