حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي واهن مان ٻن ڄڻن جا لاش هٿ آيا، ان ڏس ۾ پڃاري واهه ۾ ٻڏي ويل نينگر جو لاش 24 ڪلاڪن بعد هٿ آيو آهي، جيڪو پوليس ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ ڏينهن اڳ نيو سبزي مارڪيٽ جي علائقي علي ٽائون جو رهواسي 11 سالن جو دلشير پٽ غوث بخش پٺاڻ ٻڏي ويو هو جنهن جو لاش نور پل واري علائقي مان هٿ آيو، جيڪو ضروري ڪارروائي کانپوءِ انهن وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب هڪ ڏينهن اڳ فوتي پنهنجي ڀاءُ ڪامل ۽ ويجهي عزيز احسن سان گڏ واهه ۾ وهنجي رهيو هو ته ٽئي ڄڻا پاڻي جي وڏي وهڪري ۾ ٻڏي ويا هئا. ٽوٻن پهچي 12 سالن جي احسن پٽ امير پٺاڻ جو لاش واهه مان ڪڍيو هو جڏهن ته ڪامل پٽ غوث بخش کي پڻ بيهوشي واري حالت ۾ واهه مان ڪڍي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال ۾ غير علاج ڪامل پٺاڻ جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي. ٻئي پاسي هوسڙي جي علائقي درگاهه جيوڻ شاهه ڀرسان اڪرم واهه مان اڻڄاتل شخص جو لاش مليو آهي. اطلاع تي هوسڙي ٿاڻي جي پوليس پهچي ٽوٻن جي مدد سان لاش واهه مان ڪڍرائي سڃاڻپ لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. سب انسپيڪٽر امام الدين راهپوٽو جو چوڻ آهي ته لاش 35 سالن جي شخص جو لڳي رهيو آهي. 2 ڏينهن پاڻي ۾ رهڻ سبب لاش جي حالت خراب ٿي چڪي آهي. هن چيو ته لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي جنهن ڪري ضروري ڪارروائي بعد ڄاڻايل لاش سول اسپتال جي مرده خاني ۾ امانت طور رکرايو ويو آهي.