ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي ڪورنگي ضلعي  جي وسندي مهراڻ ٽائون ۾ ٽرالي بيگز ٺاهيندڙ فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جي اعليٰ سطح جاچ لاءِ  داخل  درخواست تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڪي ايم سي ۽ ٻين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، عدالت سنڌ سرڪار کي به 29 سيپٽمبر تائين جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، ڪالهه ٻڌڻي دوران ڪي ايم سي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ايس بي سي اي تعمير جي اجازت کان پهريان ڪي ايم سي کان اين او سي ناهي وٺندي، قانون موجب  لي آئوٽ پلان جاري ٿيڻ کان پهريان ايس بي سي اي اين او سي وٺڻ جي پابند آهي، جنهن تي عدالت چيو ته جذبات پنهنجي جاءِ تي پر حفاظتي قدمن لاءِ قانون سازي ضروري آهي. مقامي وڪيل نديم شيخ پاران داخل پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب 17 پورهيت سڙي فوت ٿي ويا، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ملي ڀڳت سان رهائشي پلاٽن تي فيڪٽريون ٺاهيون ويون آهن، درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته باهه وارن قانونن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن کي به نظر انداز ڪيو پيو وڃي، قانون تي عملدرآمد نه ٿيڻ سان پورهيتن جون زندگيون غيرمحفوظ آهن، درخواست ۾ فوتي پورهيتن  جي گهرڀاتين کي 50،50 لک رپيا معاوضو ڏيڻ ۽ واقعي جي عدالتي جاچ جو حڪم ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. هوڏانهن باهه لڳل فيڪٽري جي مالڪ علي ميٿا ۽ فيصل طارق گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ورتي.