جوهي( ن پ ا)جوهي جي حسين آباد ڪالوني مان اغوا ٿيل نينگري سجيلا پنهور کي 2 ڏينهن اڳ قاضي احمد مان بازياب   ڪرائڻ بعد جوهي پوليس  فرسٽ سول اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ عبدالسليم ڪلهوڙو جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت پاران پوليس جي ڪارروائي جي آڌار تي نينگري سجيلا پهنور کي هڪ ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس ڪسٽڊي حوالي ڪندي اڄ ٻيهر بيان لاءِ پيش ڪرڻ ۽ ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ جو حُڪم  ڏنو. جوهي پوليس جي ايس ايڇ او منور چانڊيو ان ڏس ۾  چيو ته نينگري سجيلا پهنور  پوليس وٽ ڏنل بيان ۾ جوابدار نور احمد لُنڊ تي جنسي زيادتي جو الزام هنيو  آھي، جنهن کي عدالت جي حُڪم تي جوهي تعلقي اسپتال مان نينگري جي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائي کيس اڄ  ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ان موقعي تي جوابدار نوراحمد لنڊ کي پڻ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت جوابدار کي هڪ ڏينهن جي ريمانڊ ڏتي پوليس ڪسٽڊي حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن بازياب ڪرايل نينگري سجيلا پنهور کي عدالتي حُڪم بعد وومين پوليس تعلقي اسپتال جوهي آندو  جتي سندس ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو، جنهن بعد کيس ٻيهر وومين پوليس سان گڏ جوهي ٿاڻي تي نيو ويو جڏهن ته جوابدار نور احمد لنڊ کي به پوليس جوهي تعلقي اسپتال آندو  جتي پڻ ان جا به جُزا ورتا ويا آھن ڊيوٽي ڊاڪٽر نياز حُسين چنا موجب جزا ليبارٽري موڪليا ويندا هفتي اندر رپورٽ اچڻ جو امڪان آھي. ٻئي طرف تعلقي اسپتال جي اعتبار جوڳن ذريعن نينگري سان جنسي ڏاڍائي جي تصديق ڪئي آهي. ذريعن موجب  ميڊيڪل چيڪ اپ دوران نينگري سان جنسي زيادتي جي نشاندهي ٿي آهي.