حيدرآباد: عدالت جي فيصلي کانپوءِ ڪميشن جو امتحان ڏئي ڀرتي ٿيل 2 هزار ڊاڪٽر ۽ ٻين کاتن جا آفيسر نوڪريون وڃائي ويهندا. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي حوالي سان سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي فيصلي کانپوءِ 2018ع ۾ ڀرتي ٿيل 1783 ميل ۽ فيميل ڊاڪٽرز پنهنجي نوڪرين کان محروم ٿي ويا آهن. قانوندانن مطابق عدالت جو فيصلو واضح آهي ۽ ان فيصلي تحت 2018ع ۾ ٿيل گڏيل چٽا ڀيٽي واري امتحان ۾ ڪامياب قرار ڏنل 235 اميدوار به پنهنجون نوڪريون وڃائي ويهندا. انهن 235 اميدوارن مان 193 اميدوار جنرل ڪيڊر، 15 اميدوار ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفيسر، 9 اميدوار اسسٽنٽ رجسٽرار ڪوآپريٽو سوسائٽيز، 3 اميدوار ڊائريڪٽر فوڊ ڪنٽرولر/ اسٽوريج اينڊ انفورسمينٽ آفيسر گريڊ 16هون ۽ 15 اميدوار ايڊيشنل ڊائريڪٽر فوڊ ڪنٽرولر گريڊ 16 تحت ڪامياب قرار ڏنا ويا هئا.