حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو ۽ امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تحت 2018ع ۾ ورتل گڏيل چٽا ڀيٽي ۽ ميڊيڪل آفيسرز ميل ۽ فيميل جا امتحان ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيا آهن. عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي 1989ع واري ايڪٽ کي به 1986ع واري ايڪٽ جي ابتڙ قرار ڏنو آهي۽ چيو آهي ته پبلڪ سروس ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ ڪري بعد ۾ ڪميشن تحت امتحان ورتا وڃن. عدالت پبلڪ سروس ڪميشن جي سيڪريٽري جي معطلي ۽ ڪاروهنوار کي بند رکڻ وارو پنهنجو 15 اپريل 2021ع وارو فيصلو به برقرار رکيو آهي. عدالت حڪم ڏنو آهي ته پبلڪ سروس ڪميشن جي سڌريل ملڪن جي طرز تي جوڙجڪ ڪئي وڃي ته جيئن ڪميشن تحت ميرٽ جي بنياد تي امتحان منعقد ٿين. سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ ميڊيڪل آفيسرز جي ڀرتي لاءِ ڪميشن ۾ رجسٽريشن ڪرائيندڙ مخدوم اسماءَ، امارا گوهر، مسمات روبينا بيگم، ناهيد اختر ۽ ٻين پنهنجي وڪيلن سجاد احمد چانڊيو ايڊووڪيٽ معرفت هڪ آئيني پٽيشن داخل ڪئي هئي. ان بعد مختلف ٻين اميدوارن به عدالت ۾ پٽيشنون داخل ڪرايون. مجموعي طور 6 پٽيشنن کي گڏائي عدالت ٻڌڻي ڪئي. عدالت انهن پٽيشنن بابت 19 مئي تي فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو ڪالهه ٻڌايو ويو. عدالت پنهنجو 30 صفحن تي مشتمل تفصيلي فيصلو جاري ڪيو آهي. پٽيشنن جي ٻڌڻي جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس محمد سليم جيسر تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. عدالت انهن آئيني پٽيشنن تي جيڪو تفصيلي فيصلو جاري ڪيو آهي تنهن ۾ واضح طور لکيو ويو آهي ته 2018ع دوران ورتل چٽا ڀيٽي جو امتحان ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ٿو. گڏوگڏ 2018ع ۾ ميڊيڪل آفيسرز ميل ۽ فيميل جي 1783 سيٽن تي ٿيل ڀرتي وارو امتحان به ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو 1989ع وارو ايڪٽ به آئين جي خلاف آهي جڏهن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين توڙي ميمبرن جي 2017ع واري سنڌ گورنمينٽ جي رولز ۽ بزنس تحت ٿيل مقرري 1986ع جي قانون جي ابتڙ آهي. عدالت 1989ع واري قانون کي به معطل ڪري ڇڏيو. عدالت حڪم ڏنو آهي ته هاڻي پبلڪ سروس ڪميشن جون ٽيسٽون، انٽرويو، ڀرتيون ۽ ٽينڊر وغيره نئين قانون تحت ٿيندا ۽ عدالت جو 15 اپريل 2021ع وارو آرڊر به پنهنجي جاءِ تي برقرار رهندو (جنهن ۾ ڪميشن جي سيڪريٽري کي معطل ڪندي ڪاروهنوار بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو). عدالت چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت ڪميشن جي حوالي سان نوان قانون ۽ رولز ٺاهي ته سڌريل ملڪن جهڙوڪ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ”مناسب ماڻهو، مناسب نوڪري“ واري فارمولي تحت جوڙي جنهن ۾ خوف ۽ لالچ جو ڪو به عنصر شامل نه هجي. عدالت حڪم ڏنو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هاڻي مقرريون ايئن ميرٽ تي ڪري جيئن لڳي ته ڄاڻايل مقرريون 1989ع واري ايڪٽ کان اڳ جون ٿيل آهن. تفصيلي فيصلي ۾ عدالت چيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي انٽرنيٽ تي هلندڙ ويبسائيٽ ۾ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون آهن ان ڪري ان کي فوري طور تي هٽايو وڃي ۽ نئين ويبسائيٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي قانون تحت هلائي وڃي. عدالت درخواست گذارن سميت سمورن متاثر ماڻهن لاءِ تفصيلي فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته اهي هاڻي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي نئين قانون مطابق اشتهار جاري ٿيڻ بعد قانوني طريقي سان درخواستون ڏيندا، جن جون مقرريون ميرٽ تي ڪيون وينديون. اهڙين سفارشن بعد عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف داخل درخواستون اڪلائي ڇڏيون آهن.