اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) دفاع جي وفاقي وزير خواجا آصف پاڪ فوج خلاف مهم پي ٽي آءِ ۽ ڀارت جو گڏيل پراجيڪٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪ فوج جي حادثي جو شڪار ٿيل هيليڪاپٽر  ۾ شهيد ٿيل فوجي آفيسرن خلاف مهم ۾ پي ٽي آءِ سان گڏ 18 ڀارتي اڪائونٽ به شامل هئا، ڀارتي چينل اهو چئي رهيا آهن ته عمران خان هن وقت جيڪو اسان لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي جيڪڏهن اسان اربين کربين ڊالرن جو خرچ ڪيون ها ته شايد پاڪستان ۾ ان قسم جو نيٽ ورڪ پيدا نه ڪري سگهون ها

پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج جي شهيدن خلاف مهم پاڪستان ۾ 529، ڀارت مان 18 ۽ ٻين ملڪن مان مختلف نالن سان 33 اڪائونٽن تان هلائي وئي، جاچ مڪمل ٿيڻ طرف اچي وئي آهي، قانون مطابق ڪارروائي ٿيندي، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ انڪشاف سامهون ايندا، هن چيو ته هيليڪاپٽر حادثي ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن  جي شهادت وقت قوم  ڏک ۾ ورتل هئي ان وقت منفي پروپيگنڊا يا زبان ڪو محب وطن استعمال ته نه ٿو ڪري سگهي پر ان جو سوچي به نه ٿو سگهي، لسٻيله ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي ڪارروايون ڪندي پاڪ فوج جي هيليڪاپٽر جي حادثي جي شڪار ٿيڻ کان پوءِ پاڪ فوج خلاف هلايل مهم تحريڪ انصاف ۽ ڀارت جو گڏيل پراجيڪٽ هو، ڀارت جي مفادن جي تحفظ ۽ ان کي اڳتي وڌائڻ ۾ پي ٽي آءِ ۽ ان جو سربراهه ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. خواجه آصف چيو ته  عمران خان شهباز گل جي بيان تي 6 ڏينهن تائين ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪئي، جنهن کان پوءِ عمران خان چيو ته شهباز گل کي هي جملو نه چوڻ گهرجي ها،  هي اقتدار کسجڻ جي ڏک ۾ پري تائين وڃي رهيا آهن

پي ٽي آءِ قيادت بيانن جي حوالي سان مسلسل حدون پار ڪري رهي آهي، هنن پاڪ فوج جي شهيدن جي وارثن کي ڏک پهچايو، آرمي چيف جي مقرري بابت سوال تي خواجه آصف چيو ته آرمي چيف جي مقرري کي سياسي موضوع نه بڻجڻ گهرجي، يقين ڏياريان ٿو ته آرمي چيف جي مقرري جي حوالي سان هن وقت ڪو به پراسيس نه ٿي رهيو آهي، هن چيو ته سياستدان پنهنجي ويڙهه پاڻ وڙهن، نيوٽرلز ڪنهن شخص بدران رياست سان گڏ هجڻ گهرجن، هن چيو ته حڪومت سياسي انتقام تي يقين نه ٿي رکي، پنجاب جي گهرو وزير ۽ جيل جي وزير بيان ڏنا آهن ته جيل ۾ شهباز گل تي ڪو تشدد نه ٿيو آهي

پي ٽي آءِ شوڪت خانم جي نالي تي پئسا گڏ ڪيا، عمران خان خيرات جي پئسي کي سياست لاءِ استعمال ڪيو، هي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تان ڌيان هٽائڻ چاهين ٿا، هن چيو ته هڪ شخص اقتدار کسجڻ ڪري ايترو مايوس ٿي چڪو آهي جو ان جو ذهني توازن به ٺيڪ نه رهيو آهي، هو پهريان چئي رهيو هو ته اسان خلاف پرڏيهي سازش ٿي آهي ان بعد آمريڪا کان 36 ڪيري ڊٻا انهن ورتا ۽ سازش جا الزام اسان تي لڳايا پيا وڃن، انهن آمريڪا کان معافي جون ڳالهيون ڪيون، ان بعد 25 ڊالرن جي ماهوار ادائگي عيوض  آمريڪا ۾ ماڻهو رکيا ويا ته آمريڪا ۾ پي ٽي آءِ لاءِ لابنگ ڪري تعلقات بهتر ڪيا وڃن، هن چيو ته عمران خان فوج تي تنقيد جا ٻين تي الزام لڳائڻ وقت اهو وساري ويٺو ته 90ع جي ڏهاڪي ۾ ان ڀارت ۾ ويهي پاڪ فوج خلاف ڳالهايو هو، ان ماضيءَ ۾ برطانيا ۾ به پاڪ فوج خلاف ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر وفاقي وزير خواجه آصف جو بيان کل جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙيون حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن ته پي ٽي آءِ فوج خلاف مهم هلائي، پي ٽي آءِ ڪا به مهم ناهي هلائي. بچاءُ واري وزير خواجا آصف جي پريس ڪانفرس جو جواب ڏيندي اسد عمر چيو ته بچاءُ وارو اسان کي چئي رهيو آهي ته اسان محب وطن ناهيون، سندس بيان کِل جوڳو آهي، خواجه آصف ٻڌائي ته فلور آف دي هائوس تي فوج خلاف ڇو بيان ڏنو هو

هن چيو ته تعجب جي ڳالهه آهي ته اهو بچاءَ جو وزير خواجا آصف اسان تي الزام لڳائي رهيو آهي جنهن پاڪ فوج خلاف هڏن تان ماس روڙي کائڻ جهڙو بيان ڏئي چڪو آهي، هن چيو ته هي عمران خان جو سياسي مقابلو نه ٿا ڪري سگهن ان  ڪري عمران خان کي قابو ڪرڻ لاءِامپورٽيڊ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته ان خلاف بيانيو ٺاهيو وڃي، شهباز گل تي تشدد به ان جو حصو آهي ته ڪنهن به طريقي سان پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ مضبوط ليڊر ۽ سڀ کان وڏي پارٽي ۽ فوج وچ ۾ ٽڪراءُ ڪرايو وڃي جنهن ۾ هي ڪامياب نه ٿيندا، اهڙيون ڪوششون ڪرڻ به پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر آهي

اسد عمر چيو ته پي ڊي ايم قيادت کي چوڻ چاهيان ٿو ته توهان غلطي ڪري رهيا آهيو، توهان کي هن وقت جيڪا پريشاني آهي ان جو سياسي مقابلو ڪيو، ٿي سگهي ٿو ته توهان ناڪام ٿيو ته توهان سياستدان آهيو، سياست ۾ هيٺ مٿانهين ٿيندي رهندي آهي شايد سڀاڻي توهان کي موقعو ملي وڃي پر اهو رستو اختيار ڪري غلط فهمي ۾  نه رهو ته ايڏو وڏو نقصان ٿيندو ۽ توهان جي سياست بچيل رهندي. هن چيو ته شهباز گل کان وڌيڪ خطرناڪ بيان ته نواز شريف ۽ مريم نواز ڏئي چڪا آهن، قانون سڀني جي لاءِ برابر هجڻ گهرجي، انهن کان به پڇاڻو ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر مطالبو ڪيو ته جتي شهباز گِل کي رکيو وڃي ان جڳهه بابت ڄاڻ هئڻ گهرجي، مٿس ڪنهن به قسم جي تشدد نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وڃي. پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل جاويد چيو ته هنن جي ليڊر فوج جي حوالي سان وڌيڪ خلاف بيان ڏنا، انهن کي به  ڪهٽڙي ۾ آندو وڃي، عمران خان ۽ فوج وچ ۾ هي ويڇا وڌائڻ چاهين ٿا

ھي به پڙھندا

شهبازگل تي مبينا تشدد خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل