اسلام آ باد (م ڊ) وفاقي وزير احسن اقبال شهباز گِل جي معاملي تي وفاق ۽  صوبائي حڪومت جي آمهون سامهون اچڻ تي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو صوبو وفاق،آئين يا قانون خلاف بغاوت ڪري ته گورنر راڄ لڳائي سگهجي ٿو، عمران خان گرفتار ٿيو ته کيس لانڍي جيل ۾ رکنداسين، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته بغاوت ڪندڙ صوبي جي آئين تحت حڪومت ختم ڪري سگهجي ٿي، جيڪڏهن چوڌري پرويز الاهي شاهه کان وڌ شاهه جو وفادار رهيو ۽ آئين سان ٽڪراءَ وارا قدم کنيا ته سندس حڪومت خطري ۾ پئجي ويندي، احسن اقبال هڪ سوال تي چيو ته جيڪڏهن عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو ته ان کي لانڍي جيل ۾ رکيو ويندو، اڊيالا جيل اسلام آباد جو ڪسٽوڊين جيل آهي، جيڪي اسلام آباد جا جوابدار هوندا آهن، انهن کي پنجاب جي اڊيالا جيل ۾ رکيو ويندوآهي.