فريدآباد (ن پ ا) فريد آباد ۾ 20 ڏينهن اڳ ڪڻڪ جي ٻار تان مبينا اغوا ٿيل زميندار محمد عثمان لاشاري گذريل رات دير سان آزاد ٿي گهر پهچي ويو. مبينا اغوا ٿيل زميندار محمد عثمان لاشاري 20 ڏينهن کان لاپتا ھئڻ بعد وارثن پاران ڪاڇي ۽ ڀرپاسي ۾ سندس آزادي لاءِ قرآن پاڪ کڻي گھمائڻ بعد گذريل رات دير سان آزاد ٿي گهر پهچي ويو آهي. زميندار ۽ سندس وارثن ٻڌايو ته ڪالهه رات دير سان نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن مغوي کي منهن تي ڪاري پٽي ٻڌي ڳوٺ ڪنڊو واھ ويجهو ڇڏي فرار ٿي ويا، جنهن بعد مغوي ديرسان ڳوٺ اچي پھتو، جڏهن ته مغوي جي ڳوٺ پھچڻ جي اطلاع تي پوليس صبح جو ڳوٺ قاسم لاشاري پھچي مغوي کي وٺي وڃي ڊي ايس پي ميھڙ اڳيان پيش ڪيو. ٻئي طرف پوليس پاران ڪاڇي ۽ ڀرپاسي ۾ مغوي جي بازيابي لاءِ ڇاپا ۽ ڪارروايون تيز ڪرڻ دادو قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي مختلف برادري جي ماڻهن گڙتل لڳ مور ساکاڻي چانڊيو، ڪڙيو واسي حسين لاشاري شاهه علي گھراماڻي، علي گوهر مگڻھارمزن لاشاري ۽ ٻين کي شڪ جي بنياد تي گرفتارڪري پڇا ڳاڇا ڪئي جن مان مزن لاشاري، علي گوهر مگهڻار ۽ ٻين کي شروعاتي ڏينهن ۾ ڇڏيو ويو ھو جڏھن ته ٻين کان جاچ جاري ھئي ته گذريل رات مغوي جي بازياب ٿي گهر پهچي ويو.