فرانس ۾ سياحن لاءِ واٽر ٽيڪسي هلڻ شروع

0
353

پيرس (دلچسپ نيوز)جديد دور ۾ ٽرانسپورٽ ۾ ايتري قدر جدت پيدا ٿي وئي آهي جو اڏامندڙ گاڏيون هجن يا وري گولي جي رفتار سان سفر ڪندڙ ٽرينون، ڏينهن جو سفر ڪلاڪن ۾ ۽ ڪلاڪن جو سفر منٽن ۾ طئه ٿي ويندو آهي.فرانس ۾ هاڻ درياهه پار ڪرڻ لاءِ ٻيڙي نه پر منفرد ڊيزائن جي تيز رفتار ٽيڪسي سروس شروع ڪئي وئي آهي.سي ببل نالي ان ننڍڙي ٽيڪسي سين درياهه هلائي وئي جيڪا نه صرف پنهنجي رفتار جي ڪري توجهه جو مرڪز بڻجي وئي پر نئين ڊيزائن سبب پڻ ڏسندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو.