برلن: 37 ملي ميٽر ڊگهو انساني ڏند، رڪارڊ گنيز بڪ ۾ داخل

0
753

برلن (دلچسپ نيوز)گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سڀ کان ڊگهي انساني ڏند جو تازو رڪارڊ داخل ڪيو ويو آهي جيڪو 37.08 ملي ميٽر (1.46 انچ) ڊگهو آهي.ان رڪارڊ لاءِ هڪ جرمن ڊينٽسٽ ڊاڪٽر ميڪس ليوڪاس گذريل سال درخواست جمع ڪرائي هئي، اهو ڏند هڪ مريض جو آهي جيڪو گذريل سال ڊاڪٽر ميڪس وٽ وات ۾ سخت تڪليف جي شڪايت کڻي آيو هو.سڃاڻپ ڪرڻ تي خبر پئي ته سور جو سبب مريض جو هڪ ڏند آهي جيڪو غير معمولي طور تي ڊگهو آهي، ڊاڪٽر ميڪس ڪوشش ڪري ان ڏند کي سالم حالت ۾ ڪڍيو هوجيڪو هاڻ هڪ رڪارڊ بڻجي چڪو آهي.