غوثپور (ن پ ا) غوثپور ويجهو ڪچي جي ڍنڍي واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن مبينا طور ڌنارن کي يرغمال بڻائي تشدد ڪرڻ بعد ڳوٺاڻي عبدالسبحان اوڳاهي جا 20 کان وڌيڪ ڍور ڦر ڪري ورتا ۽ ڳڙهي تيغو جي ڪچي طرف فرار ٿي ويا. اطلاع تي اوڳاهي برادري جا ماڻهو واقعي واري هنڌ پهتا، جتان هٿياربندن جو پيرو کنيو ويو، جيڪو ڳڙهي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾گم ٿي ويو. ڳوٺاڻن چيو ته واقعي جو حد جي پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس ڪا به مدد ناهي ڪئي، هنن واهر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.