غربت ڪينسر کان وڌيڪ خطرناڪ آھي!

0
179
غربت ڪينسر کان

 چوندا آهن جيءُ خوش ته جھان خوش ھي اُھي سٽون آھن جيڪي پاڻ سان گڏ ٻين جي جيءَ جي سلامتي گُھرن ٿيون جيڪي بيمارين جي بستري تي پئي پئي دنيا جي روشنين کان محروم ٿي پنھنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏين ٿيون ھونئن ته بيماري ڪھڙي به ھُجي اھا ڪنھن ھڪ “فرد” کي ھوندي آھي ته نقصانڪار به اُن لاءِ ئي ھوندي آھي، کوڙ ساريون اھڙيون وچڙندڙ بيماريون آھن جيڪي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ منتقل ٿينديون رھن ٿيون جن ۾ جڏھن انسان جڪڙجي وڃي ٿو ته اھو انسان ھوريان ھوريان پنھنجي زندگيءَ  جو ڏيئو اجهائي ڇڏي ٿو!

                 ڪينسر اُھا ھڪ اھڙي بيماري آھي جيڪا انسان جي جسم ۾ اُڏوھي جيان انسان کي کائيندي رهي ٿي جيئن جيئن ڪينسر جو مرض پراڻو ٿيندو ويندو آهي تيئن تيئن اُھو مرض انسان کي موت ويجھو ڪندو ويندو آهي ڪينسر انسان جي جسم کي کائيندو رهي ٿو، وقت تي علاج نه ٿيڻ سان انسان بچي نه ٿو سگھي علاج انسان لاءِ اڌ شفا آهي جنھن کان ماڻهو موت جي منھن مان نڪري سگهي ٿو خير پاڻ اچون ٿا مضمون جي اصل مقصد ڏانھن!

زندگي حَسين آھي اھو ته ٻڌندا پيا اچون پر حسن درد چيو آھي“زندگي ڪيڏي ذلالت شڪستون” زندگي ۾ خوشيون ڏک فطري آھن،!

غربت به ھڪ وبا آھي جيڪا انساني زندگي کي اڏوھي جيان کائيندي اچي ٿي، بظاھر ته ڪينسر ھڪ فرد کي  نقصان رسائيندو آھي پر غربت پوري خاندان کي اڏوھي جيان ھوريان ھوريان کائيندي آھي غربت خوشين جي قاتل ھوندي آھي غربت خواهشن جي قاتل ھوندي آھي غربت زندگي زھر بڻائيندي آھي غربت جيئڻ تان ارواح کڻائيندي آھي غربت رشتن ۾ دوريون پيدا ڪندي آھي غربت رشتن جو تقدس وڃائيندي آھي غربت اڪيلي ھوندي آھي جيئن ناڪامي ننڌڻڪي ھوندي آھي، غربت ڪيترن ئي ناڪامين جو سبب بڻجندي آھي غربت وبا آھي جيڪا وبا نسلن جا نسل ڳڙڪائي ٿي…!

ٻن مھينن جي ڳالھه آھي مان لاڙڪاڻي جي ھڪ وڏي بازار ۾ ڪنھن ڪم سانگي ويو ھُيس ھڪڙا ماڻھو اھڙا ھئا جيڪي وڏين وڏين گاڏين تي اچي ڪپڙا خريد ڪن پيا نوان نوان بوٽ خريد ڪن پيا سياري اچڻ کان اڳ ئي سياري جي موسم جي تيارين ۾ رڌل اھي  ماڻھو جن وٽ ڪا به انسانيت نه ھُئي سٺا سٺا بوٽ گرم ڪپڙا خريدڻ ۾ مصروف ھئا پر منھنجي نظر انھن غريب ٻارڙن تي پئي جيڪي اتان پاٺا ميڙي رھيا ھئا معصوم اکين سان ڪپڙن جي دڪان کي ڏسي رھيا ھئا. ايئن لڳو ڄڻ سوچين پيا ته ڪاش اھي ڪپڙا اسان به خريد ڪري سگھون صرف خريد ڪرڻ وارا بيحس نه ھئا پر دڪاندار به سندن دڪان اڳيان بيهڻ تي به اعتراض ڪري رھيا ھُئا اھي معصوم ٻار خواهشون دل ۾ کڻي ڄڻ پاڻ سان گڏ ڪينسر جو مرض کڻي ويا!

غربت جي زندگي گھاريندڙ ماڻھو جيڪڏھن ڪا خواهش پالي ٿو ته سندس خواهش اڻپوري ٿي وڃي ٿي. غربت جي جي ڪري اڄ رشتن ۾ اھا سچائي ڪونھي غربت جي ڪري ٿيل رشتا به ٽٽي ٿا وڃن غربت جي ڪري ماڻھو خودڪشي ڪن ٿا غربت جي ڪري دوستيون به ٽٽي ٿيون وڃن، غربت جي ڪري ھوشيار شاگرد ڪنھن سٺي تعليمي اداري ۾ پڙھي نٿا سگھن غربت جي ڪري تعليم کان محروم ٿي وڃن ٿا. غربت جي ڪري بک بدحالي واري زندگي گھارين ٿا پر جن وٽ پئسو آھي سي پڙھي به سگھن ٿا ته وري خوشيون پوريون ڪن ٿا، رشتن جي به گھڻائي انھن وٽ آھي جيڪڏھن اڪيلا آھن ته صرف غريب فرد!

ان ڪري صرف ڪينسر نه پر ” غربت ڪينسر کان وڌيڪ خطرناڪ آھي”