جنرل باجوه عمران کي سهارو ڏنو، پر عمران احسان ڪندڙن کي به گاريون ڏنيون: خواجا آصف

0
224
جنرل باجوه عمران کي سهارو ڏنو

ڪراچي: دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته توشا خانا بابت هر نئين ڏينهن نوان انڪشاف ٿي رهيا آهن، عمران خان اسيمبليز ٽوڙڻ وارو آخري ڪارڊ کيڏي ڇڏيو آهي، هاڻي هو عجيب حالت ۾ آهي

بچاءَ واري وزير خواجا آصف اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان کي جن ماڻهن سهارو ڏنو، هاڻي هو اُنهن محسنن کي به گاريون پيو ڏئي

هن چيو ته جنرل رٽائرڊ باجوه عمران خان کي سهارو ڏنو، پر عمران خان احسان ڪندڙن کي به گاريون ڏنيون، آهستي آهستي عمران خان جي پيرن مان زمين نڪرندي پئي وڃي

خواجا آصف جو چوڻ هو ته عمران خان جيڪا چئن سالن ۾ تباهي ڪئي، اسان اُها ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون

هي به پڙهندا

مبينا ڌيءَ لڪائڻ وارو معاملو: نااهلي ڪيس ۾ عمران خان جي وڪيل کي جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت