عيد الفطر 14 مئي تي ٿيندي: فواد چوڌري

0
581

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءُ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وزارت جي ڪيلينڊر ايپلي ڪيشن تحت چنڊ 13 مئي تي نظر اچي ويندو ۽ 14 مئي تي عيد الفطر ٿيندي، پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته عيد الفطر جو حتمي اعلان رويت هلال ڪميٽي ڪندي. واضح رهي ته هن کان اڳ به فواد چوڌري جڏهن سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جو وزير هو ته ان وقت عيد الفطر بابت بيان ڏيندو هو، جنهن تي رويت هلاڪ ڪميٽي عالم مٿس تنقيد ڪندا هئا.