گھارو يجهو چوڪيدار جو ڪھاڙيون لڳل لاش ھٿ

0
286

گھارو (ن پ ا) گھارو يجهو گجو ڀرسان ٻاٻڙا جي طارقي واهه وٽان چوڪيدار جو ڪھاڙيون لڳل لاش ھٿ آيو آهي، واقعي جي اطلاع تي گجو پوليس واقعي هنڌ پهچي مقتول جولاش اسپتال منتقل ڪيو، جنهن جي سڃاڻپ امام بخش ماڇي طور ٿي آهي، پوليس موجب مقتول ڊاڪٽر محسن صديقي جي زمين تي چوڪيدار هو، وڌيڪ جاچ جاري آهي.