پڊعيڊن: ذريعن جو چوڻ آهي ته عورت مڙس جا ڪراچي مان موڪليل پئسا سهري پاران نه ڏيڻ تان ڪاوڙجي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان ڏس ۾ ذريعن وٽان مليل معلومات موجب عورت جو مڙس ڪراچي ۾ ڪمائيندو آهي، جنهن هڪ ڏينهن اڳ گهر 20 هزار رپيا موڪليا جن مان عورت جي سهري 19 هزار رپيا پاڻ وٽ رکي رڳو هڪ هزار رپيا نهن کي ڏنا جنهن تان عورت ڪاوڙجي پئي، ذريعن موجب عورت صائمه ڀٽي سس سان گڏجي شهر ٻارن جي دوا وٺڻ آئي جنهن دوران سندس سس رخسانا سان پڻ پئسن جي معاملي تان منهن ماري ٿي پئي، جنهن دوران هن ٻن ٻارن سميت نصرت ڪينال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو.