عورت جي تذليل : گهاري جو ايس ايچ او معطل ۽ رورٽ

0
31
عورت جي تذليل : گهاري جو ايس ايچ او معطل ۽ رورٽ
عورت جي تذليل : گهاري جو ايس ايچ او معطل ۽ رورٽ

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) ٺٽي ضلعي جي گھاري شھر ۾ 11 اپريل تي پوليس پاران فحاشي اڏي تي ڇاپو ھڻڻ ۽ ھڪ عورت توڙي مرد تي تشدد ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ڊي آءِ جي حيدرآباد گھاري ٿاڻي جي ايس ايچ او انور شر کي معطل ۽ رورٽ ڪري سب انسپيڪٽر مان  اي ايس آءِ ڪري ڇڏيو

جڏهن ته پوليس اھلڪار سچل چانڊيو کي پڻ معطل ڪيو ويو آھي، ڊي آء حيدرآباد جاري ڪيل آرڊر ۾ لکيو آهي ته گھارو ٿاڻي جي ايس ايچ او  پنهنجن اختيارن جو غلط استعمال ڪيو آهي، سندس پٽ آصف شر  پوليس پارٽي جي اڳواڻي ڪندي عورت تي تشدد ڪيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آھي

واضح رھي ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ھڪ عورت ۽ مرد تي ھڪ پوليس اھلڪار ۽ ھڪ نوجوان تشدد ڪندي نظر اچن ٿا،  جڏهن ته وڊيو ۾عورت کي تشدد سان گڏ تذليل جو نشانو پڻ بڻائيندي نظر اچي رھيو آھي

ھو ڏانهن حيدرآباد جي ڊي آءِ جي طارق نواز ڌريجو پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايچ او اختيارن جو غلط استعمال ڪري پنهنجي پٽ کي پوليس پارٽي جي اڳواڻي جا اختيار ڏنا، جنهن تي کيس سب انسپيڪٽر  مان رورٽ ڪري اي ايس آءِ ڪيو آهي، ھٽايل ايس ايچ او انور شر جي پٽ آصف شر تي عورت تي تشدد ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويندو