ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)فنڪشنل ليگ جي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي ته  ڪراچي سميت پوري سنڌ م جلد نئين ميمبر سازي مھم جي شروعات ڪئي ويندي، پھرئين مرحلي ۾ ڪراچي جي سمورن ضلعن، تعلقن ۽ يوسيز ۾ ميمبر سازي مھم جي سلسلي ۾ ڪيمپون قائم ڪيون وينديون ، ڪالهه فنڪشنل ليگ ھائوس ۾ ڪراچي زون رابطا ڪاميٽي جي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عوامي ميمبر سازي  ۽ فنڪشنل ليگ جي بااختيار ڪراچي زون رابطا ڪاميٽي جي جوڙجڪ وقت جي ضرورت آھي، هن چيو ته 2024 جي عام چونڊن ۾ فنڪشنل ليگ سان وڏي زيادتي ڪئي وئي آهي ، اسان جي اميدوارن کي زبردستي ھارايو ويو آهي ،ڪارڪن صبر جو مظاھرو ڪندي رات ڏينھن محنت ڪن، پير صاحب پاڳاري جو متحد سنڌ ۽ مضبوط پاڪستان جو پيغام گھر گھر پھچائين، ھن چيو ت ملڪ جي سياسي صورتحال انتھائي خراب آھي، جنھن جي بھتري لاءِ اسان کي پنھنجو سياسي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،