عورتن جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌ جون سورميون

0
128
عورتن جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌ جون سورميون

 عورتن جو عالمي ڏينهن، سموري دنيا ۾8 مارچ تي ڌام ڌوم سان ملهايو وڃي ٿو، عورتن جو عالمي ڏينهن دنيا ۾ 1911ع کان ملهايو پيو وڃي، جنهن ۾ دنيا جي هر خطي، ملڪ، قوم ۽ معاشري ۾ عورتن جي حقن جي هڪجهڙائي جي حوالي سان حڪومتن ۽ عوامي سطح تي سيمينار، اجتماع، گڏجاڻيون، ميڙاڪا ڪرڻ کان علاوه هن ڏينهن کي سموري دنيا وانگر اسانجي ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ صوبي ۾پڻ عورتن جي جاڳرتا، تعليم ۽ سماجي اهميت ۽ مڃتا جي حوالي سان اهم ڏينهن ڪري ملهايو وڃي ٿو.

                 عالمي برادري ۽ ملڪن وانگر اسانجي ملڪ ۽ سنڌ صوبي ۾ پڻ عورتن جي عالمي ڏينهن کي خاص طور تي وڏي اهتمام سان ملهايو وڃي ٿو. اسان لاءِ فخر ۽ سرهائي واري ڳالهه آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ پراڻي سول سوسائٽي جي اداري جي حيثيت ۾سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن طرفان عورتن جي تعليم ۽ کين معاشري ۾ پنهنجي جائز سماجي حيثيت  ڏيارڻ لاءِ گذريل اڌ صديءَ کان سرگرم ڪردار ا ادا ڪيو پيو وڃي. سگا جون ملڪ جي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۽ پنجاب صوبي جي مرڪزي شهر لاهور  کان علاوه سموري سنڌ صوبي ۾سگا جون 100 کان وڌيڪ شاخون، 23 روشن تارا اسڪولن ۾ هر سال اهو ڏينهن خاص طور تي هڪ علمي ۽ ثقافتي ڏينهن جي حيثيت ۾ملهايو وڃي ٿو.

سنڌ ۽ سنڌو ماٿري جي لوڪ داستانن، قديم ۽ جديد تاريخ  ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ موضوع بنايل ستن سورمين ۾ سسئي، سهڻي، مارئي، مومل، ليلان، نوري ۽ سورٺ جي ڪردار ۽ عمل جو تمام گهڻو ذڪر ۽ ڪردار نگاري ۽ ٻين عالمن ۽ اديبن جي لکڻين ۽ قلمبند ڪيل داستانن جا ڪيئي ڪتاب موجود آهن. انهن کان علاوه ٻاگهل، بختاور ۽ بينظير شهيد جا وڏا مقام ۽ ڪردار سنڌ ۽ سنڌو ماٿري جي بهادر سورمين جي صف ۾ شامل آهن. جن جو سنڌ  جي قديم ۽ جديد تاريخ ۾ اهم مقام ۽ ان جا اهم باب آهن. سنڌ جي انهن سورمين کي سنڌ جي عورتن جو مان ۽ فڪري اڳواڻ ڪري پڻ ليکي سگهجي ٿو. سلام آهي انهن سورمين کي، جن پنهنجي وچن ۽ وطن لاءِ سر جو سانگو لاهي پنهنجو مانائتو ڪردار نڀايو ۽ پنهنجي لوئي ۽ لڄ جي حفاظت ڪئي. سنڌ جي جديد تاريخ جي سورمين پنهنجي وطن ۽ حقن جي حفاظت لاءِ بزرگن، وڏن، ڀائرن ۽ ڀينرن جي سٿ ۾ دليري ، ڏاهپ ۽ سورهيائي جا بي مثال جوهر ڏيکاريا. ڏکئي وقت ۾پڻ حوصلي ۽ همت سان سرواڻي ڪندي، ظلم ۽ ظالمن ۽ اڳيان آڻ نه مڃي ۽ خوشيءَ سان پنهنجيون قيمتي حياتيون قربان ڪيون.

بيشڪ! اسانجو سنڌو ماٿريءَ وارو هي ملڪ پڻ پنهنجي قدامت، قديم ۽ جديد تاريخ ۽ ثقافتي ، سماجي ۽ سياسي ورثي ۾ تمام گهڻو شاهوڪار ۽ فخر وارو آهي، جنهن جي سورمين جي قديم تاريخي لافاني ڪردارن کان علاوه  ملڪ ۽ اسلامي دنيا جي جي پهرين چونڊيل وزير اعظم محترم بينظير ڀٽو ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ خدمتون ادا ڪندڙ سربراهن ۽ خاتون شخصيتن جو فخر سان شمار ڪيو وڃي ٿو، جن دنيا کي پنهنجي فڪر، علم، سياست، عالمي امن، انصاف ۽ انسانن ۽ انسانيت جي سربلندي جي حوالي سان تاريخي ڪارناما سرانجام ڏيئي سماج کي پنهنجي حصي جو حسن ۽ خوبصورتي عطا ڪئي آهي. عورتن جي تاريخي ڪردار جي حوالي سان اهو پڻ ثابت ٿيو ته، معاشرو عورتن جي هٿن ۾محفوظ ۽گهڻو محفوظ ۽ ترقي جي رستن تي ڪاميابي سان هلي سگهي ٿو. يقينن اسان کي پنهنجي ملڪ ۽ سنڌو ماٿري واري وطن جي ٻاگهل ٻائين، موملن، سسئين، بختاورن ۽ ماروئين مان وڏيون اميدون آهن ته هو پاڻ ملهائينديون ۽ پنهنجي لوئي ڪڏهن به نه لڄائينديون.