ڪير ٿو چوي ته مرد عورتن کان گهٽ فيمينسٽ هوندا آهن؟!

0
453
ڪير ٿو چوي ته مرد عورتن کان گهٽ فيمينسٽ هوندا آهن؟!

اڄوڪو ڏينهن (08 مارچ) ٻن حوالن سان پنهنجي الڳ ۽ خاص اهميت رکي ٿو. هڪ ته عورتن جو عالمي ڏينهن آهي ۽ ٻيو برصغير جي وڏي شاعر ۽ فلمي گيت لکندڙ عبدالحئي عرف ساحر لڌيانوي جو جنم ڏينهن پڻ. تاريخي طور ڏسجي ته عورتن جي عالمي ڏينهن جي شروعات 1908ع ۾ ٿي، جڏهن پهريون دفعو پندرنهن هزار کن عورتن نيويارڪ شهر ۾ ريلي ڪڍي ٽي بنيادي مطالبا ڪيا؛ (1)عورتن جي ڪم جا ڪلاڪ گهٽايو. (2) مناسب معاوضو (3) ووٽ جو حق ڏيو. سئو سال اڳ ۾ جيتري تعداد ۾ عورتون نيويارڪ ۾ پنهنجي حقن خاطر نڪتيون، اوتري تعداد ۾ جيڪڏهن اڄ هتي ڪراچي، حيدرآباد، نواب شاهه، ميرپور خاص، لاڙڪاڻي، سکر شهرن ۾  واضح مطالبن سان نڪرن ته ذري گهٽ انقلاب اچي وڃي. بظاهر ائين ٿيڻ مشڪل لڳي ٿو، جنهن جو هڪ وڏو سبب اهو به آهي  ته هتي اهڙين تحريڪن پٺيان ڪمِٽمنٽ گهٽ، فيشن ۽ پنهنجي ذات جي پذيرائيءَ وارو رجحان وڌيڪ آهي. صرف ڏينهن ملهائڻ سان عوامي جاڳرتا نٿي پيدا ڪري سگهجي، ان لاءِ لڳاتار عوام سان رابطو رکڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. في الحال، ايڪٽيوِزم رڳو عورتن سان ناانصافيءَ وارن واقعن خلاف ردعمل تائين محدود آهي.

 بهرحال، آمريڪا ۽ هتان جي سماج ۾ ڏينهن رات جو فرق هجڻ باوجود اها خوش آئيند ڳالهه آهي ته هن ڏينهن تي ساحر جي ماءُ سردار بيگم جهڙين عورتن جا مسئلا به زير بحث اچن ٿا. آمريڪا ۾ سرمائيداري نظام، ته پاڻ وٽ وري جاگيرداري نظام آهي، تنهنڪري اڄ به گهرن ۽ ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي ڪم جو نه وقت مقرر آهي ۽ نه وري معاوضو. اهي صبح کان رات تائين ڪم ڪنديون رهن ٿيون. وڌيڪ اهو ته معمولي ڳالهين تي عورتن مٿان جسماني ۽ نفسياتي تشدد عام ڳالهه بڻيل آهي. هتي هر مظلوم عورت پنهنجي جنگ پاڻ وڙهندي آهي. سردار بيگم به پنهنجي جنگ پاڻ وڙهندي مڙس کان طلاق ورتي ۽ پٽ کي پالي وڏو ڪيو. چوڌري فضل محمد، ساحر جي ماءُ سردار بيگم سان خفيه يا لِڪل شادي ڪئي هئي. زال مڙس ۾ اختلاف اتان شروع ٿيا، جڏهن سردار بيگم شاديءَ کي ظاهر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. چوڌري صاحب راضي نه ٿيو، هيءَ پٽ ساڻ ڪري مڙس کان الڳ ٿي وئي.

ماءُ جي ڏکن ۽ تڪليفن کي ساحر گهرائيءَ سان محسوس ڪيو، جنهن جو پنهنجي شاعريءَ جي روپ ۾ اظهار ڪندو رهيو.

عورت ني جنم ديا مردون ڪو، مردون ني اسي بازار ديا

جب جي چاها مسلا ڪچلا، جب جي چاها ڌتڪار ديا

 ساحر جو هي سڄو نظم شاندار آهي. ائين ته ڪا عورت به نٿي لکي سگهي، جيئن ساحر مرد ٿي لکيو. ڪير ٿو چوي ته مرد عورتن کان گهٽ فيمينسٽ هوندا آهن؟! ڇا ساحر عورتن کان گهٽ فيمينسٽ هو؟

لوگ عورت ڪو صرف جسم سمجهه ليتي هين

روح ڀي هوتي هي اس مين، يه ڪهان سوچتي هين؟

هتي ڪارل مارڪس جو هڪ قول ياد ٿو اچي، جيڪو ڪجهه هن ريت آهي ته، “اُهي [مظلوم طبقو] پنهنجو حق نٿا وٺي سگهن، توهان سندن آواز ٿيو.” ساحر به عورتن جي تڪليف، پيڙاءُ ۽ درد جي زبان بڻجي سماجي ناانصافي ۽ ظلم کي للڪاريو.

ساحر ٻين شاعرن وانگر صرف عشق ۽  پيار تائين محدود نه رهيو. پاڻ نظرياتي ماڻهو هو، تنهنڪري هن هاري، انقلاب، سماج، سياست سميت مختلف موضوعن تي شاعري ڪئي. سندس هي شعر ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هينئر پي ڊي ايم حڪومت پاران وڌايل بي رحم مهانگائيءَ خلاف لکيو هجي.

فقيرِ شهر ڪي تن پر لباس باقي هي

اميرِ شهر ڪي ارمان اڀي ڪهان نڪلي

هڪ سوال توهانجي ذهن ۾ ضرور ايندو ته ساحر، ساحر ڪيئن ٿيو؟ سڀ شاعر حساس ۽ لفظن سان مالا مال هوندا آهن، ساحر کان وڌيڪ ذهين ۽ وڏا شاعر به هئا پر ان باوجود ساحر وانگر عورت جي درد کي ائين ڇو محسوس نه ڪري سگهيا؟ منهنجو مشاهدو آهي ته اهي مرد فيمينسٽ يا عورت دوست وڌيڪ  ٿين ٿا، جن جي پالنا ۾ پيءُ کان گهڻو ماءُ جو ڪردار هجي. ساحر جي زندگيءَ ۾ به ڪجهه اهڙو ئي هو. ساحر کي ماءُ پالي وڏو ڪيو. ساحر جي زندگي هڪ ڀرپور دردڪٿا آهي. ماڻهو پنهنجي اولاد تي پنهنجي وڏن يا ڪنهن ٻئي  پياري ماڻهوءَ جو نالو رکندا آهن، پر ساحر جو پيءُ عجيب ماڻهو هو، جنهن پُٽ تي پنهنجي دشمن، “حئي” جو نالو رکيو!

ساحر ۽ امرتا پريتم جو عشق به مشهور آهي. امرتا جي سورنهن سالن ۾ شادي ٿي هئي، پر شاديءَ مان خوش نه هئي. امرتا پنجابي قومپرست شاعره ۽ ليکڪا هئي. ساحر جي برعڪس امرتا پنهنجي اظهار جو ذريعو پنجابي ٻوليءَ کي رکيو. سندس هڪ مشهور شعر آهي ته “اَج  آکان وارث شاه نون” ايڏي ذهين ۽ باذوق عورت جو ساحر سان عشق ٿيڻ فطري آهي. چون ٿا ساحر جي ڪري امرتا مڙس کي ڇڏڻ لاءِ تيار هئي پر ساحر تيار نه هو، جيتوڻيڪ ساحر به کيس چاهيندو هو. ساحر ۽ امرتا ملاقات دوران خاموش رهندا هئا. ساحر سگريٽ مٿان سگريٽ ڇڪيندو رهندو هو. ساحر جي وڃڻ کانپوءِ امرتا خاڪ وَٽيِ يا ايش ٽري مان اهي سگريٽن جا ٽوٽا کڻي پاڻ دُکائي چپن تي رکي ساحر کي محسوس ڪندي هئي. هنن ڪهاڻين ۾ ڪيترو سچ، ڪيترو افسانو آهي، ان بابت جاويد اختر چوي ٿو ته، “ساحر ۽ امرتا پاڻ ۾ شادي ڪرڻ چاهين ها ته ڪير کين روڪي ها؟” ڇا اسين سندس راءِ جو مطلب اهو ڪڍي سگهون ٿا ته ساحر ۽ امرتا جو پاڻ ۾ ايڏو عشق ڪونه هو، جيڏيون وڏيون ڳالهيون آهن؟ جاويد وڌيڪ اهو به چيو ته اهڙيون ڪهاڻيون پنهنجي مشهوريءَ خاطر به ڪبيون آهن. جاويد جي راءِ ڪٿي صحيح، ته ڪٿي اڻپوري لڳي ٿي.مثال، جاويد چوي ٿو ته ٻنهي جي شاديءَ ۾ ڪا رڪاوٽ نه هئي، پر امرتا جو پيءُ راضي نه هو، ڇو ته امرتا هندو ۽ ساحر مسلمان هو. ٻيو ته ساحر ان وقت مالي طور به صفا ڪمزور هو. ٻئي پاسي ڏسجي ته جاويد اختر واري ڳالهه درست به آهي. امرتا مڙس ڇڏڻ کانپوءِ اندرجيت امروز سان بنا شاديءَ جي چاليهه سال گڏ رهي. شايد پيءُ جي وفات کانپوءِ امروز سان گڏ رهڻ شروع ڪيائين. سوال اهو آهي ته ساحر سان عشق هئس ته امروز سان ڪيئن ويجهي ٿي؟ ساحر جو به ٻيو پيار اداڪاره ۽ ڳائڻي سُڌا ملهوترا سان هو. ٻنهي جي زندگيءَ ۾ ٽئين شخص جي گنجائش ڪيئن نڪري ها، جيڪڏهن انهن جو پاڻ ۾ سچو پيار هو ته؟ بهرحال، هن حوالي سان مڪمل تحقيق ٿيڻ کپي ته ٻنهي جي عشق وارين ڳالهين ۾ سچ ڪيترو آهي. جاويد اهو به چيو ته هر وڏو ماڻهو پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ سچو عشق ضرور ڪندو آهي، اهو عشق انجو پنهنجي ذات سان هوندو آهي. مختصر اهو ته اُهي نرگسيت پسند (Narcissist) هوندا آهن. ساحر به ڪجهه نرگسيت پسند هو. موجوده دور ۾ پاڻ وٽ به اهڙا کوڙ مثال آهن، جنهن مان هڪ وڏو مثال ملڪي سطح تي عمران خان به آهي.خبر ناهي ساحر جو پنهنجي ذات سان ڪيترو عشق هو، پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته هُو پنهنجي ماءُ سان تمام گهڻو  پيار ڪندو هو. شهر کان ٻاهر ڪنهن به فنڪشن، مشاعري وغيره ۾ ويندو هو ته ماءُ کي گڏ وٺي ويندو هو. شايد اهو سوچي ته پويان پوڙهي ماءُ کي اڪيلو گهر ۾ ڪيئن ڇڏي وڃان.

ماءُ لاءِ اُلڪو هجڻ هڪ ذميوار اولاد جي نشاني آهي پر ساحر جو ماءُ سان تعلق انکان گهڻو مٿانهون هو. هن جو  پنهنجي ماءُ تي تمام گهڻو جذباتي طور انحصار هو. هر ڳالهه ۾ ماءُ جي راءِ ضرور وڻندو هو. ساحر شراب ۽ سگريٽ جام پيئندو هو، پر شراب هميشه بيٺي پيئندو هو. ٻين وانگر ويهي نه پيئندو هو. هڪ دفعي ڪنهن دوست سان گهر جي اڱڻ ۾ شراب پي رهيو ته اُن ڪنهن ڳالهه تي تعريف ڪيس.. ڪچهري دوران اوچتو گلاس سميت گهر ۾ اندر ماءُ وٽ ڪمري ۾ هليو ويو. ماءُ کي دوست واري ڳالهه ٻڌايائين. ماءُ چيس ته تنهنجو دوست درست ٿو چوي. ماءُ کان تصديق ڪرائي واپس اچي دوست سان ڪچهري جاري رکيائين. ساحر جي عمر ان وقت چاليهه سالن کان وڌيڪ هئي.ڪنهن مهل ائين لڳندو آهي ته ساحر جو ماءُ سان پيار ڪجهه شعوري به هو. ساحر امير پيءُ جو اڪيلو پٽ هجڻ باوجود انتهائي غربت ۽ مسڪينيءَ واري زندگي گذاري. ساحر جي زندگي ۾ پيءُ جو ڪردار شفقت، ٻاجهه ۽ ڀرجهلو هجڻ بجاءِ نفرت جو سبب بڻجي ويو. فضل محمد، ساحر جو پيءُ چوڌري هو، هن جي ماءُ طلاق ورتيس، تنهنڪري مڙس جي ملڪيت مان حصو به نه مليس. ساحر جي پيءُ کي ٻين گهر وارين مان صرف ڌيئر  پيدا ٿيون. چوڌري کي پنهنجو وارث کپي پيو. هن ڪورٽ ۾ ڪيس يا مقدمو ڪيو ته پٽ هن جي حوالي ڪيو وڃي. ساحر کي 13 سالن جي ننڍڙي عمر ۾ هڪ مشڪل ۽ تڪليف واري چونڊ ڪرڻي پئي. هن عدالت ۾ بيان ڏنو ته هو ماءُ سان گڏ رهندو.

لو آج هم ني توڙ ديا رشتهء اميد

لو اب ڪڀي گِلا نه ڪرين گي ڪسي سي هم

پوءِ عدالت ساحر کي ماءُ جي حوالي ڪيو. اهي ڳالهيون به آهن ته پيءُ ڪاوڙ ۾ اچي پٽ کي مارائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر لڳي ٿو مارائڻ نه، کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هوندائين.  تنهنڪري، ساحر جو ماءُ کان هر ڳالهه پڇڻ جو هڪ سبب نفسياتي پڻ هو، ڇو ته هو ننڍپڻ کان وٺي خوف ۽ حراسمنٽ سبب ماءُ کي چنبڙيو رهيو. ائين ٿو محسوس ٿئي ته ٻنهي ۾ هڪ اهڙو درد جو مضبوط رشتو جڙيو، جنهن ۾ انهن بس هڪٻئي کي پنهنجو مقدر سمجهيو.

جو مل گيا، اسي ڪو مقدر سمجهه ليا

جو کو گيا، مين اسڪو ڀُلاتا چلا گيا.

ورهاڱي کان اڳ 1943ع  ۾ ساحر ماءُ سميت لاهور ۾ لڏي آيو. هن شاعريءَ جو پهريون مجموعو “تلخيان” اتي ئي لکيو هو. ساحر ارڏو ۽ سچ لکڻ وارو ماڻهو هو. ان دور ۾ نئين پاڪستان سرڪار ساحر مٿان ناراض ٿي سندس گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا، جڏهن ‘سويرا’ رسالي ۾ هن سوشلسٽ خيالن جي پرچار ڪئي. آخرڪار ساحر 1949ع ۾ لاهور ڇڏي واپس دهلي، هندستان هليو ويو. اتان کانپوءِ ممبئي جي علائقي انڌيري ۾ رهائش اختيار ڪيائين، جتي شاعر گلزار ۽ ڪرشن چندر سندس پاڙيسري هئا. لاهوري سنگت ساٿ لاهور ڇڏڻ کان منع ڪيس پر نه مڙيو. پر سندس مشاهدو ڪمال جو هو، چيائين ته مُلن ۽ چوڌرين جو ڳٺ جوڙ پاڪستان کي خطرناڪ انتهاپسندي ڏانهن وٺي ويندو. موجوده پاڪستان جون حالتون ڏسجن ٿيون ته سندس اڳڪٿي سئو سيڪڙو سچ ثابت ٿي آهي. مذهبي انتهاپسندي ته هاڻي هندستان ۾ به عروج تي آهي. تازو دهلي ۾ بي بي سي آفيس مٿان مودي سرڪار انڪري ڇاپو هڻايو ته اهي ٽئڪس چوري ۾ ملوث آهن. پر اصل ڪهاڻي اها آهي ته 2002ع دوران گجرات ۾ مسلمانن جي قتلام بابت بي بي سي ڊاڪيومينٽري ٺاهي آهي، جنهن ۾ مودي جي ڪردار کي وائکو ڪيو ويو آهي. مودي سرڪار ايترو ته خوفزده ٿي وئي جو ايمرجنسي وارا اختيار استعمال ڪري ڊاڪيومينٽري کي روڪرايو ويو. ساحر ته 1980ع ۾ هي جهان ڇڏي ويو پر اڄ جيڪڏهن زنده هجي ها ته اهو سوال ضرور ڪجيس ها ته پاڪستان ۾ مذهبي انتهاپسندي کان بچڻ لاءِ توهان سيڪيولر هندستان ۾ آيا پر هاڻي مودي سرڪاري جا ڪم ڏسي ڪهڙي ملڪ  ڏانهن ويندا؟

ساحر ۾ خود اعتمادي ۽ سندس روح ۾ بغاوت هئي، هر روايت ۽ طاقت کي چئليج ڪرڻ چاهيندو هو. ڪجهه ڳالهين مان لڳي ٿو ساحر کي سياست ڪرڻ به ايندي هئي، ڇو ته شاگردن جي تنظيم جو چونڊيل صدر به رهيو هو. هندوستان جي ريڊيو اسٽيشن وِود ڀارتي تي گيت هلائڻ وقت صرف گلوڪار ۽ موسيقار جا نالا کنيا ويندا هئا.ساحر چيو ته گيتڪار يا شاعر جو به نالو وٺو، نه ته بائيڪاٽ آهي. ساحر ريڊيو وارن کان پنهنجو مطالبو مڃرائڻ ۾ ڪامياب ويو.

لي دي ڪي اپني پاس فقط اِڪ نظر تو هي

ڪيون ديکين زندگي ڪو ڪسي ڪي نظر سي هم

انکان علاوه اهو به مطالبو ڪيو هئائين ته کيس لتا منگيشڪر کان هڪ روپيو مٿي معاوضو ڏنو وڃي. لتا جو آواز آهي ته منهنجي شاعري آهي. شاعريءَ کانسواءِ آواز پنهنجو جادو نٿو ڏيکاري سگهي. انڪري لتا ۽ ڪجهه موسيقار ساحر کان وٿيرڪا ٿي ويا، اهو چئي ته هن ۾ هاڻي انا ۽ غرور وڌي ويو آهي.جاويد اختر ٻڌايو ته هندوستان ۾ غالب جي سئو سالن واري تقريب ٿي. وزير سميت سرڪاري نمائيندا به ويٺا هئا. “جشنِ غالب” نظم پڙهي ساحر وزير جي بيعزتي ڪئي. ڄڻ کيس چيو ته منافقت بند ڪريو؛

غالب جسي ڪهتي هين، اردو هي ڪا شاعر ٿا

اردو په ستم ڍا ڪر غالب په ڪرم ڪيون هي

ساحر جي جرئت پويان فلمي دنيا مان ڪمايل شهرت ۽ پئسو به هڪ سبب هئا. جيڪڏهن سندس گذارو سرڪاري وظيفي تي هجي ها ته ائين ڪرڻ مشڪل هجي ها. سنڌ ۾ نه فلم انڊسٽري آهي ۽ نه وري ڪو ٻيو اهڙو پليٽ فارم، جتي شاعر کي پنهنجي تخليق جو مناسب معاوضو ملي. تنهنڪري، شاعرن جي وڏي اڪثريت وظيفن ڏانهن واجهائي ٿي، ۽ شاعري پروفيشن ناهي ٿي سگهي. بس، شوق تائين محدود آهي.بهرحال، هتي اوشو جي هڪ ڳالهه ياد اچي ٿي، جيڪا مونکي تمام گهڻي پسند آهي. زندگي ۾ تڪليفون، ڏک، مصيبتون باهه وانگر هونديون آهن. ڪچري کي باهه جلدي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندي، ۽ سون کي باهه ڪُندن ڪندي!! مطلب ٽئلينٽ يا قابليت اندر ۾ لڪل هجي ته انکي نروار ڪرڻ ۾ مشڪلاتون راهه هموار ڪنديون.

هزار برق گري، لاک آنڌيان اُٺين

وه ڦول کِل ڪي رهين گي، جو کِلني والي هين

ساحر جي زندگي مان نوجوانن لاءِ پيغام آهي ته ٽئلينٽ جي رستا روڪ نٿي ڪري سگهجي. انکي پنهنجو گس ڳولڻ اچي ٿو، پر هڪ شرط آهي ته ساحر وانگر توهان ۾ خود اعتمادي هجي، صبر هجي ۽ ڪجهه اصول هجن.

[email protected]