عمران خان دهشتگردن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي: ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز

0
210

نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته عمران خان عدليه ۾ وري هڪ ثاقب نثار ڳولي رهيو آهي، هو ڪجهه ججز کي ثاقب نثار بڻائڻ جي ارادي اسان نڪتو آهي

هن چيو ته  عدليه کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اڄ عمران خان استعمال ڪندو ته سڀاڻي گهٽين ۽ چوڪن تي گهٽ وڌ به ڳالهائيندو

مريم نواز چيو ته عمران خان پنهنجي گندي بندوق عدليه جي ڪُلهي تي رکي هلائڻ جي ڪوشش نه ڪري، عمران خان هاڻي اسٽيبلشمينٽ جو اُهو نمبر ڳولي رهيو آهي، جيڪو بند ٿي ويو

مريم نواز سوال ڪيو ته ڇا سرِعام دهشتگردي جو اعتراف ڪندڙن کي کُليل ڇوٽ ملندي؟ عمران خان کي ڪجهه ماڻهو پاڻ سان مِلائي چونڊون چوري ڪرڻ جي سازش ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آهي

مريم نواز وڌيڪ چيو ته عمران خان کي خبر آهي ته آڪٽوبر ۽ نومبر مهينا گذرڻ وارا آهن، تنهنڪري اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي

پاڪستان ۾ فيس بڪ جي آفيس کولڻ بابت خبرن تي ايف آءِ اي جو رد عمل

اسلام آباد: فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) پاڪستان ۾ فيس بڪ جي آفيس کولڻ بابت خبرن جي ترديد ڪئي :آهي

ايف آءِ اي ترجمان موجب جعلي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته پاڪستان ۾ فيس بڪ آفيس کوليو پيو وڃي، جڏهن ته ايف آءِ اي طرفان اهڙو ڪو به باضابطا بيان جاري ناهي ڪيو ويو، ايف آءِ اي جعلي خبرن جي سختي سان ترديد ڪري ٿي

ترجمان چيو ته خبر ۾ ايف آءِ اي جي هڪ آفيسر جو نالو به شايع ڪيو ويو جيڪو غلط آهي، بنا تصديق جي خبرون هلائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا