آريان کي منشيات فراهم نه ڪئي، سندس بيان ڪوڙو آهي: اننيا پانڊي

0
259
آريان کي منشيات فراهم نه ڪئي
آريان کي منشيات فراهم نه ڪئي، سندس بيان ڪوڙو آهي: اننيا پانڊي

ڀارتي اداڪارا اننيا پانڊي آريان خان کي منشيات جي فراهمي بابت اينٽي نارڪوٽڪس بيورو (اين سي بي) کي تفصيلي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي

ڀارتي ميڊيا موجب اننيا اين سي بي کي ڏنل بيان ۾ پنهنجي ۽ آريان جي دوستي سميت واٽس اپ چيٽ ۽ منشيات جي فراهمي بابت ڳالهايو

اننيا بيان ۾ چيو ته آريان خان منشيات جي فراهمي بابت ڪوڙ ڳالهايو، مون کيس منشيات فراهم نه ڪئي هئي

ڀارتي ميڊيا موجب آريان الزام هنيو هو ته اننيا پنهنجي ننڍي ڀيڻ کان چرس وٺي ڏني هئي، اننيا پنهنجي ڀيڻ کي چرس سميت پڪڙيو هو، اننيا پنهنجي والدين کي نه پئي ٻڌائڻ چاهي ته هُن مونکي چرس ڏني هئي