لاهور  (م ڊ) اڳوڻي اٽارني جنرل ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي خاص معاون عرفان قادر چيو آهي ته رياست ججن کي جوابده ناهي. عدليه قانوآڏو ڪنڌ نوائي، ميڊيا سان ڳالهائيندي عرفان قادر چيو ته اسين چاهيون ٿا ته عدليه ۾ ڏڦيڙ نه پوي، نٿا چاهيون ته ون مين شو ٿئي. هن چيو ته عدالت نٿي پچي سگھي ته حڪومت ڇا پئي ڪري، لڳي ٿو هڪ سياسي ڌڙي لاءِ نرم گوشو رکيو پيو وڃي.هن چيو ته  ڪجھه جج پنهنجي انا کي اڳتي وڌائي رهيا آهن. انا وساري ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪم ڪن. آئين جي عزت ڪن ۽ دل وڏي ڪن، هن چيو ته اڄ ملڪي معيشت انهن تڪرارن جي ڪري ئي مشڪلات جو شڪار آهي ۽ ملڪ جي ترقي به تمام سست آهي. اسان دل وڏي ڪئي آهي جڏهن ته ڪجهه ججز پاران ڀڃڪڙيون ڪيون ويون پر اسان انهن جي عزت ڪيون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته انهن جي عزت ٿئي. سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن ۽ ڪوبه فرد واحد اداري تي حاوي نه ٿئي. ۽ ٻين ادارن ۾ به مداخلت نه ڪري.