راولپنڊي (م ڊ) پي ٽي آءِ جي گرفتار ٿيل عورت اڳواڻن دانهون ڪيون آهن ته اڌ رات جو اٿاري جهڙتيون ورتيون وڃن ٿيون، تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ايم اين اي عاليه حمزه دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي دانهون ڪيون ته اڌ رات جو ننڊ مان اٿاري جهڙتيون ورتيون وڃن ٿيون، عورتن سان هي بدسلوڪي ڇو پئي ڪئي وڃي؟ جيل مان عدالت پهچڻ تي عاليه حمزه چيو ته شناختي پريڊ مڪمل ٿيڻ باوجود قيدي عورتن سان مائٽن کي ملڻ جي اجازت به نه ٿي ڏني وڃي.