عدالت کان ڪليئر ڪرائينداسين ته ڪارونجهر جو سمورو علائقو ثقافتي ورثو نه آهي: عمر سومرو

0
197

جيڪب آباد: سنڌ جي قانون ۽ انصاف واري نگران وزير عمر سومرو چيو آهي ته ڪارونجهر جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ کي گمراهه ڪيو ويو آهي، ثقافتي ورثو محفوظ بڻائڻ واري هاءِ ڪورٽ جي فتويٰ سان ڪنهن کي به اختلاف نه آهي

جيڪب آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته عدالت کان ڪليئر ڪرائينداسين ته ڪارونجهر جو سمورو علائقو ثقافتي ورثو نه آهي، جيڪڏهن سڄي ڪارونجهر کي ثقافتي ورثو قرار ڏنو وڃي ته پوءِ معدني وسيلا ڪيئن استعمال ٿي سگهندا؟

هن چيو ته عدالت کان اهو ڪليئر ڪرائينداسين ته ڪارونجهر جا ڪهڙا علائقا ثقافتي ورثو آهن،ڪارونجهر جي معاملي تي عدالت سان غلط بياني ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

نگران سرڪار جو هاءِ ڪورٽ سان ٽڪراءَ، معدني وسيلا ليز تي ڏيڻ ۽ ڪارونجهر ۾ گرينائيٽ سٽي ٺاهڻ جو فيصلو