پير پاڳاري جي نائب خليفي تي زمين تي قبضي جي ڪوشش جا الزام

0
146
پير پاڳاري جي نائب خليفي تي زمين تي قبضي جي ڪوشش جا الزام
پير پاڳاري جي نائب خليفي تي زمين تي قبضي جي ڪوشش جا الزام

کپرو: پير پاڳاري جي نائب خليفي تي زمين تي قبضي جي ڪوشش ۽ هٿ بند ڪرائڻ جا الزام سامهون آيا آهن

اڇڙو ٿر واسي پيرسن اجو آريسر انصاف لاءِ  پريس ڪلب پهچي ويو، پير پاڳاري جي نائب خليفي علي خان آريسر تي سنگين نوعيت جا الزام هنيا

پيرسن اجو آريسر موجب پير پاڳاري جي نائب خليفي علي خان آريسر زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪئي

پيرسن ٻڌايو ته مزاحمت ڪرڻ تي علي خان آريسر مون سميت 6 ڄڻن خلاف چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو

پيرسن اجو آريسر الزام هنيو آهي ته انصاف لاءِ دانهڻ تان علي خان آريسر اسان 6 گهرڀاتين جا هٿ بند ڪرائي ڇڏيا آهن

پيرسن موجب قاسم فقير مهر ۽ قاضي شمس الدين وٽ دانهن کڻي ويس پر داد رسي نه ٿي سگهي، علي خان آريسر 78لک روپين جو فصل به کڻائي ويو آهي، پير پاڳارو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي