ڪراچي: وزيراعظم جي دوري جي پي ٽي آءِ جي ايم اين اي عامر لياقت حسين کي دعوت ئي نه ڏني وئي، هڪ  ٽوئيٽ ۾ عامر لياقت حسين چيو ته وزيراعظم گورنر هائوس ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪيو، مونکي هميشه جيان نظرانداز ڪيو ويو آهي، شايد وزيراعظم مونکي فالتو ووٽ سمجهي ٿو، انشاءِ الله هاڻي اسلام آباد ۾ ملنداسين.