نيپرا بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو حڪومت کي موڪلي ڇڏيو

0
149
مهانگائي سٽيل عوام کي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمت ۾ 95 پئسا في يونٽ واڌ جو فيصلو وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو آهي

نيپرا حڪومتي پاليسي گائيڊ لائينز تي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو جاري ڪيو، جڏهن ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ وفاقي حڪومت جي منظوري سان ڪئي ويندي، وفاقي حڪومت نيپرا جي فيصلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي جنهن کانپوءِ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي ويندي

ميڊيا رپورٽ موجب بجلي جي بنيادي قيمت ۾ سراسري طور 53 پئسا ۽ مختلف سيلز لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 8 کان 95 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي

دستاويز موجب 100 يونٽن تائين بجلي جي قيمت ۾ 8 پئسا في يونٽ ۽ 101 کان 200 يونٽن تائين 18 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي

ان کان علاوه 201 کان 300 يونٽن لاءِ 48 پئسا في يونٽ ۽ 301 کان 700 يونٽن لاءِ 95 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي

واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان گذريل مهيني بجلي ۽ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو

ھي به پڙھندا

ٽئڪس اوڳاڙي ذريعي پئسو گهڻو آيو ته بجلي 5 رُپيا ۽ پيٽرول 10 رُپيا سستو ڪيو: وزيراعظم