حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي عالمن ۽ اديبن سنڌي ٻوليءَ کي سڀ کان آڳاٽي ٻولي قرار ڏيندي چيو آهي ته  ان جون لکتون ۽ لپيون تبديل ٿينديون رهيون آهن پر سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ۽ تھذيب رکندڙ ٻولي آهي. مُهين جي دڙي جي ٻولي تي وڌيڪ تحقيق ڪري ان جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظھار انهن سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري پاران ”سنڌي ٻولي ۽ لپي، ڪالھه، اڄ ۽ سڀاڻي“ جي عنوان هيٺ منعقد ڪيل ڪانفرنس ۽ ادبي ايوارڊ 2019ع جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نامياري محقق ڊاڪٽر نواز علي شوق چيو ته اسان وٽ بيقدري جي انتها آهي. سڄي دنيا ۾ انڊس اسڪرپٽ تي تحقيق ٿي رهي آهي پر اسان وٽ ڪو به ادارو ان طرف ڌيان نٿو ڏي. تعليم، ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه پنھنجي پيغام ۾ چيو ته وقت اچي ويو آهي ته ادارا جيڪي سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي واڌاري ۽ ترقي لاءِ قائم ٿيا آهن اهي پنھنجي اصولن، مول متن ۽ بنيادي مقصدن لاءِ ڪم ڪن. هي وقت عملي ڪم ۽ عملي نتيجن جو آهي. دنيا تمام گهڻي محدود ٿي وئي آهي ۽ هر ماڻهو کي جديد ٽيڪنالاجي جا ذريعا ميسر آهن. مُهين جي دڙي تي سنڌو سڀيتا جي لکت بابت بين القوامي سيمينار ڪرايو ويو هو. هن سال به 2022ع ۾ جڏهن مُهين جي دڙي جي کوٽائي کي 100 ورهيه پورا ٿي رهيا آهن تڏهن هلندڙ سال مُهين جي دڙي جي کوٽائي جي هڪ صدي جو جشن ملهايو پيو وڃي. ان سلسلي هيٺ نه فقط مُهين جي دڙي تي هڪ بين القوامي سيمينار ٿي رهيو آهي پر سموري سنڌ ۾ سمورو سال اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڻ تقريبون ٿينديون ته جيئن اسان جو نئون نسل پنھنجي هزارين ورهين جي قديم تهذيب ۽ ثقافت جي اهميت کان واقف ٿي سگهي. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي چيو ته سنڌي ٻولي هزارين سالن کان پنھنجي تاريخ، اهميت ۽ قدآمت رکي ٿي. 1922ع ۾ مُهين جي دڙي جي کوٽائي دوران ملندڙ آثارن کي ڏسي دنيا اچرج ۾ پئجي وئي ته هزارين سال اڳ به اتي جا ماڻهو لکيل پڙهيل هئا. 2017ع ۾ ڪازڪستان پنھنجي لپي تبديل ڪري ڇڏي. دنيا ۾ سو ٻوليون اهڙيون آهن جن نئين لپين کي اپنايو آهي. اسان وٽ به ادارا اهڙي لغت ٺاهين جن ۾ متبادل لفظ شامل هجن. جيڪي ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ رهن ٿا انھن کي به ان سان مدد ملندي. هن چيو ته پاليسيون ٺاهڻ اسان جي هٿ ۾ نه آهن. ٻولي لاءِ خطرو ختم ناهي ٿيو پر اهو خطرو وڌي رهيو آهي. مدد علي سنڌي چيو ته جڏهن انگريز آيا تڏهن ابو الحسن واري سنڌي جي ترتيب ڏنل صورتخطي هئي. ان کانپوءِ انگريز سرڪار ماهرن جي ڪميٽي ٺاهي موجوده سنڌي لکت تشڪيل ڏني ۽ حڪم ڪيو ته سمورن عملدارن کي سنڌي لازمي طور سکڻ گهرجي ۽ ان لاءِ اسڪول به کوليا ويا. هن چيو ته محمد ابراهيم جويي جي دور ۾ سنڌي ادبي بورڊ محدود ملازمن جي باوجود تمام شاندار ڪتاب ڏنا پر اڄ اهو ادارو ڇا ڪري رهيو آهي؟ تعليمدان ادريس جتوئي چيو ته اهو تاثر قائم ڪيو ويو آهي ته انگريزن سنڌي ٻولي ڏني پر سنڌي ٻولي پنهنجي تاريخ، قدآمت ۽ رسم الخط رکندڙ هڪ ٻولي آهي. شير مهراڻي چيو ته شاهه جو رسالو اسان جي بقا جي ضمانت آهي. ڊاڪٽر فياض لطيف چيو ته لسانيات جي اصولن موجب لکت هڪ ئي شڪل ۾ هئڻ گهرجي. هن تاريخي ٻولي پنهنجو ارتقائي سفر ڪاميابي سان طئي ڪري موجوده صورت اختيار ڪئي. هاڻي ان کي بچائڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. ڊاڪٽر مخمور بخاري چيو ته ٻار کي ماءُ جي ٻولي ۾ بنيادي تعليم ڏيڻ، سرڪاري ادارن توڙي آفيسن ۾ سنڌي ٻولي جو واهپو، اشتهاري بورڊن توڙي ميڊيا جي ٻولي ۾ درست سنڌي جو استعمال تمام ضروري آهي. امر فياض ٻرڙي چيو ته ڪنهن کان سندس ٻولي کسڻ جو مقصد ان جي سڃاڻپ کسڻ آهي. شبنم گل چيو ته ٻولي کي بچائڻ لاءِ سڀ کان اهم ذميواري ماءُ جي آهي جنهن جي هنجهه ۾ ٻار ڳالهائڻ سکي ٿو. ڪانفرنس ۾ سال 2019ع ۾ ڇپيل سنڌي ادب جي اٺن مختلف صنفن جي ڪتابن کي ايواڊ ڏنا ويا.